ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

کنئين ۽ اي ڪڪرن جا رب چئي الله پاڪ کي پڪارڻ لڳو. ان وقت الله پاڪ ان وقت جي نبي عَلَیْہِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي ته فلاڻو شخص آهي، ان کي وڃي ڪلمو به پڙهايو ۽ دين جون بنيادي ڳالهيون به سيکاريو! ([1])

 هي آهي الله پاڪ جو فضل...!! جڏهن ٿي وڃي، ان وقت معرفت نصيب ٿي ويندي آهي.

الله پاڪ جو فضل حاصل ڪرڻ جو طريقو

 هاڻي سوال اهو آهي ته الله پاڪ جو فضل اسان ڪيئن حاصل ڪري سگهون ٿا؟ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن سوال جو جواب ڏيندي فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو پنهنجي هستيءَ کي مٽائي ڇڏيندو آهي ته ان کي معرفت ملندي آهي ۽ ان کي معرفتِ حال چوندا آهن. ([2])

مطلب هي آهي ته جڏهن ٻانهو پنهنجي مان کي ختم ڪري وٺندو آهي تڏهن ان کي الله پاڪ جو فضل نصيب ٿيندو آهي، جڏهن فضل نصيب ٿيندو آهي ته ان کي الله پاڪ جي معرفت ملي ويندي آهي.

ڪلام جو نتيجو اهو نڪتو ته الله پاڪ آهي، اهو هڪ ئي آهي، ان جو ڪو شريڪ ناهي، ان ڳالهه جا دليل ته خود اسان جي 5، 6 فٽ جي وجود ۾ به موجود آهن پر جيستائين اسان جي اندر مان آهي، انا، تڪبر ۽ خودپسندي موجود آهي، تيستائين اسان انهن دليلن کي ڏسي نٿا سگهون، انهن دليلن کي سمجهي نٿا سگهون، ان ڪري لازم آهي ته اسان پنهنجي انا ۽ خودپسندي


 

 



[1]...حکایات و قصص، صفحہ:34 خلاصۃً۔

[2]... کشف المحجوب، کشف الحجاب الاول فی معرفۃ اللہ، صفحہ:323خلاصۃً۔