Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
کي زنده ڪندو پوءِ انهيءَ ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو وجود آهي، الله پاڪ هڪ آهي، ان جو ڪو شريڪ ناهي، قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ جي معرفت (يعني سڃاڻپ) جا ڪيترن ئي قِسم جا دليل ذڪر ڪيا ويا آهن، انهن دليلن مان هڪ قسم دلائلِ انفس به آهي، يعني انسان جي ذات، ان جو وجود، ان جا هلندڙ پساھَ، ان جي شاهڪار تخليق، ان جو ننڍپڻ، جواني، پوڙهائپ وغيره انسان جو هر هر حال بذاتِ خود الله پاڪ جي وجود جي دليل آهي، وجودِ خدا جا اهڙا دليل جيڪي انسان جي ذات ۾ لڌا ويندا آهن، انهن کي دلائلِ اَنفُس چيو ويندو آهي. ([1]) هاڻي اسان سيپارو:1، سورت بقره جي آيت:28 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ جي معرفت سان لاڳاپيل ڪجهه دلائلِ انفس بيان ڪيا ويا آهن.
سڀ کان پهريان ته معرفت سان لاڳاپيل ڪجهه ڳالهيون ٻڌي وٺو! پوءِ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آيتِ ڪريمه جو ترجمو ۽ وضاحت ٻڌنداسين.
پهرين ڳالهه ته اها پنهنجي ذهن ۾ ويهاري وٺو ته سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم فرض جيڪو هڪ انسان تي عائد ٿئي ٿو، اهو الله پاڪ جي معرفت آهي بلڪ حق ته اهو آهي ته اسان جي دنيا ۾ اچڻ جو هڪ بنيادي مقصد ئي الله پاڪ جي معرفت (يعني سڃاڻپ) آهي. قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد ٿئي ٿو: