ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

اللهُ اڪبر! اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان غور ڪريون، اسان الحمد لله! الله پاڪ جو انڪار ته نٿا ڪريون، اسان مسلمان آهيون پر ٿورو سوچيو! ڪفرِ خفي (يعني ڪافرن واري ڪردار) جون ڪيتريون صورتون اسان ۾ لڌيون وڃن ٿيون* ڇا اسان وٽ ماڻهو آخرت جي مقابلي ۾ دنيا کي ترجيح نٿا ڏين...؟ * ڇا 4 پئسن جي خاطر ماڻهو فرض نماز نٿا ڇڏين؟ * شادي مرادي وغيره جي موقعي تي پنهنجي لڄ رکڻ جي نالي تي الله پاڪ جون نافرمانيون نٿيون ڪيون وڃن؟ * ڇا اسان وٽ الله پاڪ جي احڪامن جي مقابلي ۾ نفساني خواهشن جي پيروي نٿي ڪئي وڃي.  ڇا اسان الله پاڪ جي حڪمن جي خلاف پنهنجين نفساني خواهشن جي پيروي نٿا ڪريون؟ افسوس! اسان وٽ ائين ٿئي ٿو. افسوس! ماڻهو پنهنجي آرام خاطر فجر جي نماز قضا ڪندا آهن، چند پئسن خاطر نمازن ۾ سستي ڪندا آهن، الله پاڪ جي حڪمن جي مقابلي ۾ پنهنجين خواهشن کي ترجيح ڏيندا آهن، ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي! اسان ائين ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ جڏهن ته الله پاڪ اهو آهي جڏهن اسان ڪجهه به نه هئاسين، هن اسان کي زندگي عطا فرمائي، هن اسان کي پيدا ڪيو، هزارين نعمتون عطا فرمايون، هاءِ! جلد ئي اسان کي موت اچي ويندو ، قبر ۾ پهچڻو آهي، الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي پنهنجي هڪ هڪ عمل جو حساب ڏيڻو آهي!

بندو هجڻ ڇا کي چئبو آهي؟

اي عاشقان رسول! اسان ٻانها آهيون، اسان مڃون ٿا ته اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، اسان جو عقيدو آهي: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ. اسان کي صحيح معنيٰ ۾ ٻانهو