ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

مشغول رهندُس. ([1])

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                              جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اجل بھی

بس اب اپنے اس جہل سے تُو نکل بھی                    یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے                                                                         یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي موت...!! هن دنيا ۾ ڪنهن جو هميشه زنده نه رهڻ، ان ڳالهه جي دليل آهي ته الله پاڪ آهي، اهو لاشريڪ آهي، لہٰذا اسان سڀني تي لازم آهي ته ان جي سڃاڻپ حاصل ڪريون ۽ پنهنجو سر ان جي حضور جهڪائي چئون: سُبْحٰنَ رَبِّی الْاَعْلٰی پاڪ آهي منهنجو بلندين وارو رب!

موت کان پوءِ جي زندگي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هن دنيا ۾ ئي الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل ڪري ان جي عبادت ۾ مصروف ٿي وڃون، ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي جيڪڏهن اهو نه ڪريون ته ياد رکو! موت سان ئي ڳالهه ختم نه ٿيندي بلڪه

ثُمَّ یُحْیِیْكُمْ ثُمَّ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ(۲۸)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ توهان کي زنده ڪندو پوءِ انهيءَ ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو.

 اسان کي پوءِ ٻيهر زندھ به ڪيو ويندو، پوءِ الله پاڪ جي حضور حاضري به ٿيندي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ لمحي جو حساب به ڏيڻو پوندو. لہٰذا بهتر اهو ئي آهي ته اسان اڄ سمجهي وڃون، سنڀلجي وڃون، الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل ڪريون ۽ الله پاڪ جي عبادت ۾، ان جي رضا وارن ڪمن ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏيون.


 

 



[1]...تذکرۃُ الْاَوْلیَاء، صفحہ:17۔