Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
کي مٽايون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪائنات جي ذري ذري ۾ رب ڪريم جي قدرتن جا نشان نظر اچڻ لڳندا.
مٹ جائے یہ خُودی تو وہ جلوہ کہاں نہیں
دردا میں آپ اپنی نظر کا حجاب ہوں
يعني جيڪڏهن منهنجي مان، منهنجي انا ۽ خودپسندي مٽجي وڃي ته الله پاڪ جا جلوه هر جاءِ تي نظر ايندا پر افسوس! مان پاڻ پنهنجي نظر جو پردو آهيان.
اهي معرفت سان لاڳاپيل ڪجهه ڳالهيون هيون، هاڻي اچو! آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت ٻڌون ٿا. الله پاڪ فرمايو:
كَیْفَ تَكْفُرُوْنَ
ترجموڪنزُ العرفان: ڪيئن الله جا منڪر ٿي سگهو ٿا
هي تعجب ڏيارڻ جو سوال آهي: يعني خدا جو انڪار ڪرڻ وارن کي تعجب ڏياريو وڃي پيو ته ڪيتري حيرت جي ڳالهه آهي، آخر توهان الله پاڪ جو انڪار ڪري ڪيئن ٿا سگهو؟ جڏهن ته
وَ كُنْتُمْ اَمْوَاتًا فَاَحْیَاكُمْۚ-ثُمَّ یُمِیْتُكُمْ ثُمَّ یُحْیِیْكُمْ ثُمَّ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ(۲۸)
(سيپارو: 1، سوره بقرة: 28)
ترجمو ڪنزُ العرفان: حالانڪه توهان مرده هيؤ پوءِ توهان کي پيدا ڪيو پوءِ اهو توهان کي موت ڏيندو پوءِ توهان کي زنده ڪندو پوءِ انهيءَ ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو.
هي انسان جي 5 حالتن جو ذڪر آهي، انهن مان هر حالت الله پاڪ جي وجود جي هڪ مستقل دليل آهي.