ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

انسان جي پهرين حالت

فرمايو:

وَ كُنْتُمْ اَمْوَاتًا

ترجمو ڪنزُ العرفان: حالانڪه توهان مرده هيؤ

هي اسان جي پهرين حالت آهي. هڪ وقت هو جڏهن اسان ڪجهه به نه هياسين

هَلْ اَتٰى عَلَى الْاِنْسَانِ حِیْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ یَكُنْ شَیْــٴًـا مَّذْكُوْرًا(۱)

(سيپارو: 29، دهر: 1)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ انسان تي هڪ اهو وقت گذريو جو اهو ڪو ذڪر جي قابل شيءِ نه هو

هي هڪ طرح سان اسان جي تڪبر جي ڪاٽ آهي، اسان جي اَنا، اسان جي مان جي ڪاٽ آهي، اسان کي احساس ڏياريو وڃي پيو ته آخر توهان خدا جو انڪار ڪري ڪيئن ٿا سگهو؟ اُن قادر و قيوم جي مقابلي ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿا آڻي سگهو؟ ان جي احڪامن جي مقابلي ۾ پنهنجي خواهشن کي ترجيح ڪيئن ٿا ڏئي سگهو؟ جڏهن ته توهان ڪجهه نه هيؤ، ڪا قابلِ ذڪر شيءِ ئي نه هيؤ، پنهنجي ان پهرين حالت تي ته غور ڪريو! ڪنهن جي خيال ۾ توهان جو تصور تائين نه هو، ڪو آهي، جنهن توهان کي وجود ڏنو، ڇا هاڻي توهان کي لائق آهي ته توهان تڪبر ڪريو! پنهنجي طاقت، پنهنجي قوت، پنهنجي عقل، پنهنجي علم جي ڀروسي تي ربِ ڪريم جي قدرتن جو انڪار ڪرڻ لڳو! ڇا توهان جي اها حيثيت آهي ته الله پاڪ جي احڪامن ۽ فرمانن کي پنهنجي عقل تي تورڻ لڳو...!! نه...!! نه. توهان ڪجهه نه هيؤ، ان توهان کي تمام گهڻو ڪجهه بڻائي ڇڏيو. تنهنڪري پنهنجو سر ان جي حضور جهڪائي عاجزي ۽ انڪساريءَ جو پيڪر بڻجي دل جي گهرائي سان پڪاريو! سُبْحٰنَ سُبْحٰنَ رَبِّیَ الْاَعْلٰی     پاڪ آهي منهنجو بلندين وارو رب...!!