Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
ڏسو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان آسيب کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجي رسالت جو حوالو ڏنو ۽ اهو حوالو ٻڌي اهو آسيب نڪري به ويو. معلوم ٿيو ته رسالت جو جيڪو منصب آهي اُهو اختيارن جو ئي منصب آهي. رسولن جو اِهو شان هوندو آهي، ته هُو جيئن فرمائيندا آهن تيئن ٿي ويندو آهي، هيڏانهن سندن زبان مان لفظ نڪرندا آهن هوڏانهن تقدير بدلجي ويندي آهي.
بہشت و خُلْد ہیں کیا بلکہ کُل خزانوں کا خُدا کے گھر سے ہیں وہ اِختیار پائے ہوئے([1])
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي:
مَجْبُور ہیں ہم تو فِکْر کیا ہے تم کو تو ہے اِختیار آقا([2])
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام جي شان ۾ فرمايو آهي:
اُولِی الْاَیْدِیْ وَ الْاَبْصَارِ(۴۵) (پارو:23، سورة ص، 45)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪي قدرت درتعلم وارا هئا.
تفسير نور العرفان ۾ آهي: معلوم ٿيو ته الله پاڪ پنهنجن مقبول ٻانهن کي قدرت به عطا فرمائيندو آهي ۽ علم به بخشيندو آهي، جنهن سان اُهي عالَم (يعني دنيا) جي خبر به رکندا آهن ۽ ان ۾ تصرف به ڪندا آهن.([3])
کیوں نہ ہو تم مالِکِ مُلْکِ خُدا، مِلْکِ خُدا
سب تمہارا ہے خُدا ہی جب تمہارا ہو گیا
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد