Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

  آهي. جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعَابِ پاڪ حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                                کي پياريو نه، بلڪه سندن کُڙِي مبارڪ تي جسم جي ٻاهرين پاسي لڳايو. بس لُعاب شريف لڳڻ جي دير هئي، زهر جو اثر فوراً ختم ٿي ويو. ([1])

ہوتی ہے شِفا دَم میں، دَم آتا ہے بےدَم میں

مَحْبوبِ خُدا کا ہے کیا خُوب شفا خانہ

اک جو  تارو  ٻيهر لڳائي ڇڏيائون

پيارا اسلامي ڀائرو! لُعابِ پاڪ جي برڪتن سان گڏوگڏ اسان ڪجهه الله پاڪ جي قدرتن ۽ عنايتن جو ذڪر به ٻڌندا هلون:

اسان جي هيءَ جيڪا اک آهي، اک جو هي جيڪو گول گول ڍيلو (تارو) آهي، ٿورو غور ڪريو! ڪيتري نه ڪمال جي ڳالهه آهي، ان ۾ ڪو به ڪوڪو لڳل نه آهي، ڪو به پيچ ناهي، پر اسان ٽَپندا ڪڏندا آهيون، ڪنڌ هيٺ ڪندا آهيون، مٿي کڻندا آهيون، وڏين وڏين عمارتن تان ماڻهو هيٺ ڪري پوندا آهن، ان جي باوجود به هي ڍيلو ڪِرَڻ ته ڇا پر، پنهنجي جاءِ تان سرڪَندو به نه آهي. ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالهه آهي!

اک جو تارو ڪيئن رڪيل رهندو آهي؟ ڪجهه شيون آهن: هڪ ته هڏي جو کول آهي، پوءِ ان سان گڏ اعصاب هوندا آهن، ان سان گڏ  ڪولاجن(Collagen، ايلاسٽن(Elastin)، هائيلورونڪ ايسڊ (Hyaluronic acid)  وغيرهه ڪيترائي ڪيميڪل هوندا آهن، جن جي ذريعي اک جو تارو يا ڍيلو پنهنجي جاءِ تي رُڪيل رهندو آهي. جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪنهن جي اک جو اهو ڍيلو ٻاهر نڪري اچي ته اڄ جي ميڊيڪل سائنس ۾ ان جو علاج هي آهي ته ڊاڪٽر سڀ پهريان دوا کارائيندا آهن ته جيئن پٺا (Muscles) ريليڪس  (Relax)ٿين، پوءِ اک جي مٿان دوا لڳائي ويندي آهي ته جيئن اک جا ٽشو ٺيڪ رهن ۽ انهن


 

 



[1]... مشکاۃ المصابیح،کتاب المناقب والفضائل، الفصل الثالث،جز:4، صفحہ:417، حدیث:6034 ملخصاً۔