Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس *خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيمار ٻار کي شِفا ملي وئي

  حضرت اسامه بن زيد رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                       فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جيڪو آخري حج ادا ڪيو، ان حج جي سفر ۾ مان به پاڻ       صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هئس. هلندي هلندي اسان رَوحا نالي هڪ جاءِ تي پهتاسين، اتي پهچي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ عورت کي پنهنجي طرف ايندي ڏٺو ۽ فوراً پنهنجي سواري روڪي ڇڏيائون. اها عورت ويجهو آئي، کيس هڪ ٻار هنجَ ۾ هُيو، اچي عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي منهنجو پٽ آهي، خدا جو قسم! جنهن ڏينهن کان هي ڄائو آهي، ان ڏينهن کان بيمار آهي.

 ڪجهه روايتن ۾ آهي ته اِهو ٻار چَرِيو هو (يعني کيس مِرگهيءَ جي بيماري هئي.([1])

حضرت اسامه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                فرمائن ٿا: رحمت واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻار کي کنيو ۽ پنهنجي سواريءَ تي پنهنجي سامهون ويهاري پنهنجو لُعَاب مبارڪ (يعني ٿُڪ شريف) ٻار جي وات ۾ وڌائون ۽ فرمايائون: اُخْرُجْ یَاعَدُوَّ اللہِ فَاِنِّی رَسُوْلُ اللہِ  يعني اي الله پاڪ جا دشمن ...!! نِڪُر! بيشڪ مان الله جو رسول آهيان.


 

 



[1]... شرح سنن ابن ماجہ للھرری، کتاب الطب، باب النشرۃ، جز:20، صفحہ:441، زیرِ حدیث:3476۔