Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي
2 فرمانِ آخري نبي، رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): منهنجي اُمَّت جي اَفْضَل عبادت تلاوتِ قرآن آهي. ([1]) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تِلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تِلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنطَار اَجر لکيو ويندو، هڪ قِنطَار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحُد جبل جيترو آهي۔([2])
اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: ڪا شيء پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تِلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پُوري سورت بقره ۽ سُورَت آلِ عمران جي تلاوت ڪندا هئا * روزانو رات جو سُورت سجده، سُورت ملڪ، سورت بني اسرائيل، سورت زمر، سُورَت ڪافرون، سُورت فلق ۽ سُورت ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا۔
الله پاڪ اسان کي به خوب تِلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔
مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن ڀريو سفر به آهي.
اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو