Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

  لُعابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪمال مان اوهان کي ٻڌايان...!! هڪ صحابي آهن: حضرت  عبدالله بن عامر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                                ننڍپڻ ۾ کيس بارگاههِ رسالت ۾ حاضر پيش ڪيو ويو، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن تي لُعابِ پاڪ وڌو. هي صحابي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ               جو عشقِ رسول هو جو انهن اهو لُعابِ پاڪ چوسي پي ڇڏيو. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّہُ لَمُسَقِّی يعني بيشڪ هي پاڻي پيئارڻ وارو آهي.

 بس محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لُعابِ پاڪ ۽ ان فرمانِ ذيشان جي برڪت هئي ته ان کان پوءِ سندن حالت اها ٿي وئي جو هُو جتي به زمين کوٽيندا هئا، اُتان پاڻي نڪري ايندو هو. ([1])

اللہ! اللہ! شہِ کونین جلالت تیری              فرش کیا، عرش پہ  جاری ہے حکومت تیری

تُو ہی ہے مُلْکِ خُدا، مِلْکِ خُدا کا مالِک             راج تیرا ہے زمانہ میں حکومت تیری([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

لُعابِ پاڪ حيادار بڻائي ڇڏيو

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني شريف ۾ هڪ عورت رهندي هئي، جنهن کي ڪو نفسياتي مسئلو هو، اها بيہوده ڳالهيون ڪندي هئي. هڪ ڀيري سندس قسمت جو ستارو چمڪيو، هُوءَ پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم    جي ڀرسان گذري، ان وقت پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کاڌو تناول فرمائي رهيا هئا. هن عرض ڪيو: حضور! مون کي به کارايو! پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کيس هڪ گِرَههُ ڏنو. چوڻ لڳي: هي نه، بلڪه جيڪو اوهان جي وات مبارڪ ۾ آهي، اهو ڏيو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وات مبارڪ مان گِرَههُ ڪڍي کيس عطا فرمايو. روايت ۾ لکيل آهي ته: بس! لُعابِ مصطفيٰ سان آلو ٿيل هي لقمو کائڻ جي دير هئي، ان عورت تي شرم ۽ حيا جو اهڙو ته غلبو ٿيو جو سڄي زندگي سندس


 

 



[1]... تاریخ دمشق، جلد:29، صفحہ:253۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:247۔