Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
فرمايائون: سلمان جي ترجماني ڪر! پوءِ هن حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو ڪلام ٻڌو، هو ته تعريف ڪري رهيا هئا، پر هي ٻڌڻ ۽ ترجماني ڪرڻ وارو جيئن ته غير مسلم هو، تنهنڪري ان جو ڪلام ٻڌي چوڻ لڳو: حضور! هي ته اوهان جي بُرائي ڪري رهيو آهي. آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان ڄاڻان ٿو، هي منهنجي بُرائي نه پر تعريف ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي ان غير مسلم چيو: هن وقت کان اڳ تائين مان اوهان جي بُرائي ڪندو هئس، پر هاڻي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اوهان سچا رسول آهيو. اهو چئي هن ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو.
هاڻي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ڏانهن متوجه ٿيا، فرمايائون: سلمان! وات کول ...!! انهن وات کوليو، آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعَابِ پاڪ سندن وات ۾ وڌو. بس لُعَابِ مصطفيٰ وات ۾ وڃڻ جي دير هئي، حضرت سلمان فارسي جيڪي فارس جا رهاڪو هئا، فوراً فصيح عربي ڳالهائڻ لڳا. (انسان العيون)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالهه آهي ...!! اڄ جيڪڏهن اسان کي عربي سکڻي هجي ته ان جي لاءِ ٻن سالن جو ڪورس ڪرڻو پوندو آهي، پوءِ عربي ڳالهائڻ ايندي آهي، پر فصيح عربي ڳالهائڻ نه ايندي آهي. لُعابِ مصطفيٰ جو ڪمال ڏسو! ٻن سالن جي ڪورس ڪِرڻ جي ضرورت نه پئي، صرف ٻن سيڪنڊن جي ڳالهه آهي، هيڏانهن لُعَابِ مصطفيٰ نِڙِيءَ مان هيٺ لٿو، هوڏانهن عربي ڳالهائڻ اچي وئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان زمين تي رهون ٿا ۽ اوهان کي خبر آهي ته زمين مان هر جاءِ تان پاڻي نه نڪرندو آهي، ڪجهه علائقن ۾ 50، 60 فٽن تي بورنگ ڪريو ته پاڻي نڪري ايندو آهي، پر ڪجهه هنڌن تي 200 فٽن تائين به نه نڪرندو آهي، علائقن ۽ جڳهن جو فرق هوندو آهي.