Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

زبان مان ڪڏهن به ڪو بيہوده لفظ نه نڪتو. هڪ لقمي سندس زندگي بدلائي ڇڏي. ([1])

مديني جو  سڀ کان مٺو  کُوهه

صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                            فرمائن ٿا: اسان جي گهر ۾ هڪ کوهه هوندو هو، ان جو پاڻي تمام گهڻو کارو هو. هڪ ڏينهن محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعابِ پاڪ ان کوهه ۾ وڌائون. فرمائن ٿا: بس مصطفيٰ ڪريم             صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو لعاب کوهه ۾ پَوَڻ جي دير هئي، ان ڏينهن کان پوءِ مديني ۾ سڀ کان مٺو پاڻي اسان جي ئي کوهه مان ملندو هو. ([2])

جس کے پانی سے شاداب جان وجناں                   اُس دَہَن کی طَرَاوَت پہ لاکھوں سلام

جس سے کھاری کنویں شیرۂ جاں بنے                   اُس زُلالِ حَلاوت پہ لاکھوں سلام([3])

لُعابِ پاڪ جون مختصر  برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! لُعابِ مصطفيٰ جي برڪتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سچ ته هي آهي ته:

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے

تیرے اَوصاف کا اِک باب بھی پُورا نہ ہوا

صرف هڪ لُعَابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون برڪتون بيان ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو وقت گهرجي. جڏهن صرف لُعَابِ پاڪ جو اهو شان آهي ته سوچيو! سڄي جسمِ پاڪ جي برڪتن جو ڇا حال هوندو.

بهرحال! مان مختلف روايتن جو مختصر خلاصو عرض ڪريان ٿو: * قبا شريف جي ويجهو هڪ کوهه هو، جنهنجو پاڻي روزانو ختم ٿي ويندو هو،


 

 



[1]... سبل الہدیٰ، جماع الابواب معجزاتہ فی احیاء الموتی...الخ، الباب التاسع...الخ، جلد:10، صفحہ:26 بتصرف۔

[2]... الخصائص الکبریٰ، باب الآیات فی فمہ...الخ، صفحہ:105۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ:302۔