Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

نعمتون وِرهائيندو جنهن طرف اُهو ذِيشان هليو

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هن روايت تي هڪ ٻئي رُخَ کان به ٿورو غور فرمايو! سمجهائڻ جي لاءِ صرف هڪ مثال عرض ڪري  رهيو آهيان: ڪوئي ڪيترو به ماهر ڊاڪٽر ڇو نه هجي، توهان گهٽيءَ مان گذرڻ دوران کيس روڪيو ۽ ڪو سنگين مريض سندس سامهون پيش ڪريو، چئوس: ڊاڪٽر صاحب! ويندي ويندي هن مريض کي ڏسندا  وڃو!

جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب اوهان جو عزيز يا دوست آهي تڏهن به وڌ ۾ وڌ معمولي معائنو ڪندو ۽ چوندو: مان مرض سمجهي ويو آهيان، مريض کي ڪلينڪ تي وٺي اچجو، توهان جو مريض ٺيڪ ٿي ويندو، پر اُتي بيٺي بيٺي مريض جو پورو علاج ٿي وڃي، ائين ڪوئي به ڊاڪٽر نه ڪري سگهندو، پر قربان وڃان! هي ٻنهي جهانن جا طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، سفر ۾ آهن، رستي تي وڃي رهيا آهن، رستي ۾ مريض اچي ويو، ڪٿي وڃڻ جي ضرورت نه پئي، ڪٿي ويهڻ جي ضرورت نه پئي، بس جتي هئا، اُتي ئي بيٺي بيٺي پنهنجو لُعَاب مبارڪ مريض جي وات ۾ وڌائون ۽ سالن جي مريض کي هڪ گهڙِيءَ  ۾ شفاياب ڪري ڇڏيائون.

سُبْحٰنَ اللہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيتري نه پياري ڳالهه چئي آهي، لکن ٿا:

نعمتیں بانٹتا جس سَمْت وہ ذِیشان گیا              ساتھ ہی مُنْشِئ رحمت کا قلم دان گیا([1])

وضاحت: اُهي صاحبِ قدر و منزلت نبيءِ رحمت، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رب ڪريم جون نعمتون ورهائڻ لاءِ جيڏانهن به تشريف کڻي ويا، سندن رحم ۽ ڪرم کي لکڻ وارو به، پنهنجو قلمدان کڻي ساڻن گڏ اوڏانهن روانو ٿيو.

معجزو بڻجي آيو اسان جو نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ ٽئين نمبر تي لُعَابِ پاڪ يعني ٿُڪ شريف جو به ڪمال ڏسو! جو مريض آهي، ڪيترن ئي سالن کان بيمار آهي، پياري


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:55۔