Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  پنهنجو لُعَابِ پاڪ ان جي وات ۾ وڌو ۽ کيس شفاياب ڪري ڇڏيائون. سُبْحٰنَ اللہ!

جو چاہیں گے جسے چاہیں گے یہ اسے دیں گے      کریم ہیں یہ خزانے لٹانے آئے ہیں

 اَلحمدُ لِلّٰہ! اسان جو نبي، پيارو نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  اهڙي شان وارو آهي جو الله پاڪ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نَنهَن کان چوٽِيءَ تائين سراپا معجزو بڻايو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو آهي:

قَدْ جَآءَكُمْ بُرْهَانٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ   (پارو: 6 ،سورة النساء: 174)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان واضح دليل آيو

حڪيم الاُمت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا:

* انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام  جا معجزا الله پاڪ جي ذات ۽ صفات جا دليل هوندا آهن * اڳين انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام کي الله پاڪ مختلف معجزا عطا فرمايا * حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام  جو هٿ مبارڪ معجزو هو * حضرت دائود    عَلَیْہِ السَّلام جو آواز مبارڪ معجزو هو * حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلام جو حُسن مبارڪ معجزو هو * اهڙي طرح اڳين نبين مان ڪنهن کي هڪ معجزو عطا ٿيو، ڪنهن کي ٻه معجزا عطا ٿيا، انهن سڀني انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام  کان پوءِ الله پاڪ پنهنجي آخري نبي، رسولِ هاشمي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مٿي کان وٺي پيرن تائين معجزو بڻائي موڪليو.([1]) ۽ فرمايو: اي انسانو! توهان وٽِ توهان جي رب جي طرفان نهايت پختو ۽ مضبوط دليل اچي ويو.

دئیے معجزے اَنبیا کو خُدا نے                                مُعْجِزَہ بن کے آیا ہمارا نبی

لُعابِ پاڪ جون برڪتون

اَلحمدُ لِلّٰہ!  اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو لُعَابِ پاڪ (يعني ٿُڪ مبارڪ) به معجزو آهي ۽ اِها صرف هڪ معجزو نه آهي، بلڪه سَوين معجزن جو مجموعو آهي.


 

 



[1]...تفسیر نعیمی ،پارہ:6 ،سورۂ نسا،تحت الآیۃ:174 ،جلد:6 ،صفحہ:147ملتقطاً۔