Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

هڪ ڏينهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان ۾ پنهنجو لُعابِ پاڪ وڌو، جنهن جي برڪت سان ان جو پاڻي ايترو ته وڌي ويو جو ماڻهو پاڻ پيئندا هئا، پنهنجن جانورن کي پياريندا هئا، پنهنجون ٻَنيون سيراب ڪندا هئا پر پاڻي ختم نه ٿيندو هو([1]) * حضرت حارثه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                       غزوهءِ بدر ۾ شهيد ٿي ويا هئا، سندن گهر وارا غمگين هئا، ظاهر آهي جدائي جو غم هو. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻي ۾ لُعابِ پاڪ شامل ڪري کين عطا فرمايو، انهن پيتو ته سندن حالت اها ٿي وئي جو پُوري مديني ۾ انهن کان وڌيڪ خوشحال ۽ پرسڪون گهر ڪو به نه هو. ([2])

* هڪ کوهه هو: بِئْرِ بَضَاعَہ. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم فرمائن ٿا: هڪ دفعو محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کوهه تي تشريف فرما ٿيا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان ۾ گُرڙِي فرمايائون، جنهنجي برڪت اها ٿي جو ان جو پاڻي هر مرض جي لاءِ شفا بڻجي ويو. صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان  جو معمول هو ته جڏهن به ڪوئي بيمار ٿيندو هو ته کيس  بِئْرِ بَضَاعَہ تي وٺي ايندا هئا، ان جي پاڻيءَ سان مريض کي غسل ڏيندا هئا، ان جي برڪت سان مريض شفا ملي ويندي هئي. ([3])

علم عطا فرمائي ڇڏيو

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته لُعابِ پاڪ جون اهي برڪتون هيون جيڪي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ظاهري زندگي ۾ لُعاب مبارڪ عطا فرمايو ۽ برڪتون ظاهر ٿيون. هاڻي هڪ روايت وصال ظاهري کان سوين سال بعد جي به ٻڌو!

اوهان کي خبر آهي ته خواب جون ڳالهيون خواب ئي هونديون آهن، مثال طور خواب ۾ اسان کي هڪ ڪروڙ رپيا ملي وڃن پر جڏهن اسان جي اک


 

 



[1]...دلائل البوۃ للبیہقی، باب ما ظہر فی البئر...الخ، جلد:6، صفحہ:136۔

[2]...  المغازی للواقدی، بدر القتال ، جز:1، صفحہ:94۔

[3]... الطبقات الکبریٰ، جلد:1، صفحہ:392۔