Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
مبارڪ) وڌو ۽ منهنجي سيني تي هٿ رکيو، جنهن جي ٿڌاڻ مون پنهنجي ڪلهن جي وچ ۾ محسوس ڪئي، ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي شيطان! عثمان جي سيني مان نڪري وڃ.
حضرت عثمان رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: ان کان پوءِ منهنجي حافظي جو هي عالم هو جو " فَمَا سَمِعْتُ شَيْئًا بَعْدَ ذَلِكَ إِلَّا حَفِظْتُهُ " يعني مان جيڪا به شيءِ ٻڌندو هيس، اها مون کي ياد ٿي ويندي هئي. ([1]) اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فرمائن ٿا:
تم ہو شِفائے مَرض، خَلقِ خدا خود غَرض خَلق کی حاجت بھی کیا تم پہ کروڑوں درود([2])
وضاحت: يعني يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! الله پاڪ اوهان کي اها شان عطا ڪئي آهي جو اوهان مريضن کي شفاء نصيب ڪندا آهيو، تنهنڪري اسان کي مخلوق جي حاجت ناهي، اسان جي درد جي دوا ۽ مرض جي شفاء اوهان پاڻ ئي فرمايو. اوهان تي ڪروڙين درود ۽ سلام هجن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن لُعابِ مصطفيٰ جون برڪتون صرف ظاهري مرضن جي شفا تائين محدود نه آهن. هي اهو لُعابِ پاڪ آهي جيڪو صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فارس جا رهاڪو هئا، تنهن ڪري فارسي ڳالهائيندا هئا. جڏهن پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هجرت ڪري مديني پاڪ تشريف کڻي آيا ته حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ حاضر ٿيا، انهن فارسيءَ ۾ ئي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ڪئي.
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جيتوڻيڪ سڀئي زبانون اينديون هيون، پر ظاهري طور جيئن ته پاڻ عربي آهن، تنهنڪري ظاهر تي ئي رهندي هڪ شخص کي گهرايائون، اهو شخص غير مسلم هو، کيس فارسي به ايندي هئي.