Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
جلوۂ یار ادھر بھی کوئی پھیرا تیرا
حسرتیں آٹھ پہر تکتی ہیں رستہ تیرا([1])
الله پاڪ اسان تي ڪرم فرمائي، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نظرِ عنايت فرمائن.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ خوفِ خدا وڌائڻ، قبر ۽ آخرت جي تياريءَ جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلاميءَ جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي.
قرآن مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: * حديث پاڪ ۾ هن طرح مضمون آهي ته: پنهنجو صبح اهڙي حالت ۾ ڪر جو يا ته تون عالمِ دين هجين يا طالبِ علمِ دين.([2]) * هڪ روايت جي مطابق صبح جي وقت قرآن مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعتون نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.([3]) اَلحمدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * جنهن ۾ 3 قرآني آيتون * انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو ۽ ٻڌايو ويندو آهي * فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي * دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق ۽ چاشت جا نوافل به ادا ڪيا ويندا آهن. توهان به تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت