Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

وضاحت:    مالڪ ۽ مختيار آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دَهَن مبارڪ مان نڪرڻ واري لُعاب مبارڪ سان جنتون سرسبز ۽ شاداب آهن، ان دَهَن مبارڪ جي آلاڻ تي لکين سلام هجن، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو لُعاب مبارڪ سخت کاري کُوهَن کي مٺو ڪري ڇڏيندو آهي، روح ۽ جان کي تازگي عطا فرمائيندو آهي، ان مٺاڻ جي چشمي تي لکين سلام هجن.

زهر جو   اَثَر ختم ٿي ويو

غارِ ثور جو واقعو ته اوهان ٻڌو ئي هوندو. الله! الله! مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                                 غار ۾ هڪ سوراخ تي پنهنجي کُڙِي رکي ويٺا آهن، پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مٿو مبارڪ سندن هَنجَ ۾ رکي آرام فرما آهن. هوڏانهن نانگ کين ڏنگ هڻي ٿو. حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ    اَدبِ رسول جي ڪري، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آرام جو خيال ڪندي صبر ڪن ٿا، پر تڪليف شديد هئي، ڪمالِ ضبط جي باوجود اکين مان ڳوڙها وَهِي پيا. عاشقِ اڪبر جي عشق سان ڀرڀور ڳوڙهن عشقِ رسول ۾ ڪُڏَندي رخسارِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي چُمي ورتو. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اک مبارڪ کولي، فرمايائون: صديق! ڇا ٿيو آهي؟ عرض ڪيو ويو: لُدِغْتُ فِدَاکَ اَبِیْ وَ اُمِّی یَارَسُوْلَ اللہِ! يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان، مون کي نانگ ڏنگ هنيو آهي. ([1])

الله! الله! هاڻي لُعابِ مصطفيٰ جو ڪمال ڏسو! ميڊيڪل سائنس جي نقطهءِ نظر کان نانگ جي زهر جو علاج ڪنهن هڪ شيءِ سان نه ٿيندو آهي پر ان جي لاءِ مختلف ڪيميائي اجزا ملائي اينٽي وينم (Antivenom) يعني مرڪب دوا تيار ڪئي ويندي آهي، نانگ جي زهر جو اثر ان سان ختم ٿيندو آهي. پر قربان وڃو! هي لُعابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي، ان ۾ هر قسم جي شِفا


 

 



[1]... مشکاۃ المصابیح،کتاب المناقب والفضائل، الفصل الثالث،جز:4، صفحہ:417، حدیث:6034 ملخصاً۔