Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

مصطفيٰ جي برڪت سان سندن زبان جي هَٻَڪَ ختم ٿي وئي. ([1]) * هڪ صحابي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                     بيمار هئا، بس دم نڪرڻ تي هو، کين شفا ملي ئي نه رهي هئي، انهن ڪنهن شخص کي بارگاههِ رسالت ۾ موڪليو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿوري مٽي کڻي، ان ۾ لُعابِ پاڪ ملائي ان شخص کي عطا فرمايو.

جيڪي قاصد هئا، انهن اها لُعاب مليل مٽي کنئي ۽ هليا ويا. ظاهري طور تي ڪجهه حيران هئا ته مان ته دم نڪرڻ واري مريض جي لاءِ دعا ۽ دوا وٺڻ  آيو هئس، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ چَپٽي مٽي عطا فرمائي آهي. بهرحال! هي قاصد واپس پهتا، اها لُعاب مليل مٽي جئين ئي پاڻيءَ ۾ وِجِهي حضرت عامر بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                 کي پياري وئي، کين شفا ملي وئي. ([2])

حافظو عطا ٿي ويو

پيارا اسلامي ڀائرو! ان لعابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي برڪتن جو ڇا چئجي!! هي اهو پاڪ لعاب (ٿُڪ) آهي، جنهن سان نه صرف جسماني بيماريون دور ٿينديون آهن، پر ان جي سبب الله پاڪ روحاني بيماريون به دور فرمائيندو آهي.

حضرت عثمان بن ابو عاص رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابي رسول آهن. پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                                 جو حافظو ڪجهه ڪمزور هو، جنهن سبب قرآن ڪريم ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي.

هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! مون کي قرآن ڪريم ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر ڪري نٿو سگهان. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اُدْنُ ‌مِنِّي ‌يَا ‌عُثْمَانُ! يعني اي عثمان! منهنجي ويجهو اچ!

حضرت عثمان رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ                         فرمائن ٿا: مان پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو ٿي ويس، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  منهنجي وات ۾ پنهنجو لعابِ دهن (ٿُڪ


 

 



[1]... مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الطب، باب من رخص فی النفث فی الرقی، جلد:5، صفحہ:441، حدیث:2۔

[2]...سبل الہدیٰ، جماع الابواب معجزاتہ فی احیاء الموتی...الخ، الباب الرابع...الخ، جلد:10، صفحہ:21 ۔