Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

جي عادت اپنايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون  * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪيون سکڻ جي لاءِ ويندو آهي، ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي ٿو. ([1]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو * شجرو شريف پڙهڻ جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ ويهندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه ملندي * ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان گُهريل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هيءَ ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ رهڻ سنتِ مصطفيٰ آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي ويندي * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو فجر جي نماز کان پوءِ ذڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق ۽ چاشت جا نوافل پڙهي، ان کي جهنم جي باهه نه ڇهندي.([2])

وِيزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سالن کان پرڏيهه ۾ آهي، جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار آهي. هڪ ڀيري کين پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي ضرورت پئي. هنن ويزائن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون، پر تمام گهڻين ڪوششن جي باوجود به کين ويزائون نه ملي سگهيون. ڪيترائي سال ايئن گذري ويا، هو تمام گهڻو پريشان هئا ڇاڪاڻ ته ملازمن جي کوٽِ سبب کين نقصان ٿي رهيو هو. خير، هنن همٿ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي. انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ انهن کي شجرھءِ قادريه عطاريه مان شجرھءِ عاليه جا دعائيه اشعار پڙهڻ جو مشورو ڏنو. هنن شجري شريف مان دعائيه اشعار بِلا ناغه پڙهڻ شروع ڪيا. اَلحمدُ لِلّٰہ! شجرھءِ قادريه  رضويه


 

 



[1]... مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317۔

[2]... شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔