Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
هي مبارڪ عمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻار عورت کي واپس ڏنو ۽ فرمايائون: هن کي کڻ ...!! هاڻي کيس ڪو به خطرو نه آهي.
حضرت اسامه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: حج کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن اسان واپس پئي آياسين ته انهيءَ ئي جاءِ تي اها ساڳي عورت بيٺي هئي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻيهر سواري کي روڪي، پڇيو: تنهنجي ٻار جو ڪهڙو حال آهي؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خدا جو قسم! اهو ڏينهن آهي ۽ اڄ جو ڏينهن آهي، ٻار بلڪل تندرست ۽ صحيح سلامت آهي.([1])
ہوتی ہے شِفا دَم میں، دَم آتا ہے بےدَم میں
مَحْبوبِ خُدا کا ہے کیا خُوب شفا خانہ
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته هن روايت تي مختلف پاسن کان ٿورو غور ڪريون:
سڀ کان پهريان هيءَ ڳالهه عرض ڪريان ته اسان وٽ هڪ تصور آهي ته نبين ۽ رسولن جو ڪم صرف ۽ صرف الله پاڪ جو پيغام پهچائڻ آهي.
اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام ماڻهن جي هدايت لاءِ ئي تشريف فرما ٿيندا آهن، پر ائين چوڻ ته سندن ڪم صرف اهو ئي آهي، درست نه آهي. ڏسو! هڪ ٻار بارگاههِ رسالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي آسيب (يعني اثرات) يا مرگهيءَ جو مسئلو آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي وات ۾ پنهنجو لُعَابِ پاڪ وجهي فرمائي رهيا آهن: اُخْرُجْ عَدُوَّ اللہ فَاِنِّی رَسُوْلُ اللہ اي الله جا دشمن! نِڪُر ...!! بيشڪ مان الله پاڪ جو رسول آهيان.