Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
کي ڪا رَهَنڊَ وغيرهه نه اچي، پوءِ تاري کي اندر رکيو ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن انتهائي حساس قسم جو آپريشن به ڪرڻو پوندو آهي. هي اڄ جي ترقي يافته دور جو علاج آهي.
هاڻي روايت ٻڌو! غزوهءِ بدر جو موقعو هو، حضرت رافع بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، تير يا تلوار لڳڻ سبب سندن اک زخمي ٿي پئي ۽ تارو ٻاهر نڪري آيو ۽ سندن ڳَلَ تي لڙڪڻ لڳو. الله اڪبر!
بگڑی باتوں کی فِکْر کر نہ حَسنؔ کام سب ہے بنا ہوا تیرا([1])
حضرت رافع بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اها ئي نڪتل اک کڻي بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا. ٻنهي جهانن جي طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعَابِ دَهَن انهن جي اک تي لڳايو ۽ اک جو تارو واپس پنهنجي جاءِ تي رکي ڇڏيائون. حضرت رافع بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: جيڪا اک محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جوڙي هئي، ان جي نظر اڳي کان به وَڌِي وئي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! لُعَابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر مرض جي شفا آهي، ان بابت ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون آهن، مثلاً: * خيبر جي ڏينهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت علي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي سُورَ وارين اکين تي لُعابِ پاڪ لڳايو، جنهن جي برڪت سان کين آرام اچي ويو([3]) * هڪ صحابي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو هٿ سڙي پيو، پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لُعاب شريف لڳايو، سڙيل هٿ ٺيڪ ٿي ويو([4]) * حضرت فُويڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي نظر ختم ٿي وئي هئي، لُعابِ مصطفيٰ جي برڪت سان اکيون ٻيهر ڏسڻ لڳيون([5]) * حضرت بشير بن عقربه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي زبان ۾ هَٻَڪَ هئي، هَٻڪِي هَٻڪِي ڳالهائيندا هئا، لُعابِ
[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:73۔
[2]... مستدرک، کتاب معرفۃ الصحاحبہ، ذکر مناقب رافع بن مالک، جلد:4، صفحہ:251، حدیث:5074ملخصاً۔
[3]... مسلم،کتاب فضائل الصحابہ،باب من فضائل علی...الخ، صفحہ:940، حدیث:2404۔
[4]... مسند امام احمد، جلد:6، صفحہ:361، حدیث:15851۔
[5]... مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الطب، باب من رخص فی النفث فی الرقی، جلد:5، صفحہ:441، حدیث:2۔