Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

* پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه باغ ۾ ڄَمُونءَ جي وڻ هيٺان عبادت ۾ مصروف رهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا ننڍڙا سيد سڳورا تشريف آڻيندا هئا، باغ ۾ لڳل وڻن تي پٿر هڻندا هئا ۽ ميوا ڇاڻي کائيندا هئا، ڪڏهن ڪو پٿر شيخ ابراهيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي لڳي ويندو هو ته ان کي سعادت سمجهندا هئا، هڪ عرصي تائين ته پاڻ هن معاملي تي صبر ڪندا رهيا پر جڏهن معاملو برداشت کان وڌي ويو ته سيدزادن کي ته ڪجھ نه چيائون، وڻن کي فرمايائون: اي وڻؤو...!! مون کي سيد سڳورن جو ادب ٿو اڳيان اچي، مان انهن کي ڪجھ نٿو چئي سگهان، توهان آئنده ميوا نه ڏيندا ڪيو ! اهو ڏينهن هو جو انهن وڻن تي ميوا اچڻ بند ٿي ويا. ([1])

* شيخ اَمَان پاني پتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي نظر ۾ دَرويشي 2 شين جو نالو آهي: (1): حُسْنِ اَخلاق   (2): اَهْلِ بيت جي محبت. يعني جنهن خوش نصيب کي اهي 2 نعمتون ملي وينديون آهن، اهو بلند مقام حاصل ڪري وٺندو آهي. اَخْبَارُ الاَخْيَار ۾ شيخ عبد الحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: شيخ اَمَان پاني پتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عادت مبارڪ هئي، جڏهن پاڻ پڙهائي رهيا هوندا هئا، ان دوران ڪو سيِّد صاحب کيڏندي گهٽيءَ ۾ تشريف کڻي ايندو هو ته پاڻ ڪتاب رکي ڇڏيندا هئا ۽ ادب سان بيهي رهندا هئا، جيستائين سيِّد صاحب موجود رهندو هو، پاڻ اهڙيءَ طرح بيهي رهندا هئا. ([2])

سُبْحٰنَ اللہ!  اللہ پاڪ اسان کي به توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اسان به سيد زادن جو صحيح معنيٰ ۾ ادب ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

سيد سڳورن جا ڪجھ آداب

اللہ پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۾ هڪ نالو حضرت علي خوّاص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو به آهي، پاڻ وڏا ڪامل ولي هئا، سيد سڳورن جي ادب تي تمام زور ڏيندا هئا،


 

 



[1]... اقتباس الانوار، صفحہ:744 و745 خلاصۃً۔

[2]...اخبار الاخیار،شیخ امان پانی پتی رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ، صفحہ:241 ملتقطًا۔