Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
اُن کی پاکی کا خُدائے پاک کرتا ہے بیاں آیۂ تَطْہِیر سے ظاہِر ہے شانِ اَہْلِ بیت
اَهْلِ بيت مان مُراد ڪير...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ سڳوري بابت 2 ڳالهيون ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! (1): قرآنِ ڪريم جي سياق و سباق (يعني اڳين پوين آيتن) ۾ اَهْلِ بيت مان مُراد پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون گھر واريون آهن. هن جاءِ تي انهن سان ئي خطاب آهي، انهن کي ئي پردي جو حڪم ڏنو پيو وڃي. تنهنڪري قرآن جي روشنيءَ ۾ هن آيت ۾ اَهْلِ بيت مان مُراد مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون اَزْواج آهن. (2): پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم * سَيِّده فاطمہ * حضرت عليُّ الْمُرْتضيٰ * حضرت امام حَسَن * ۽ امام حُسَين رَضِیَ اللهُ عَنْہُم (۽ ٻئي اَوْلادِ پاڪ) کي به هن ۾ شامل فرمايو آهي، لهٰذا حديث شريف جي روشنيءَ ۾ هن فضيلت ۾ اَوْلادِ پاڪ به شامل آهي.
اَهْلِ بيت جي محبت فرض آهي
ٻي آيتِ سڳوري : سيپارو: 25، سورت شُوْرٰي، آيت: 23 ۾ ارشاد ٿيو:
قُلْ لَّاۤ اَسْــٴَـلُكُمْ عَلَیْهِ اَجْرًا اِلَّا الْمَوَدَّةَ فِی الْقُرْبٰىؕ-
ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: مان ان تي توهان کان ڪو معاوضو نه ٿو گهران سواءِ قرابت جي محبت جي.
علامه بغوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: هن آيتِ سڳوري جي هڪ معنيٰ هي آهي ته اي مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان فرمائي ڇڏيو! (اي انسانؤ! مان اوهان کي دين سيکاريان ٿو، اوهان جون دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون اوهان تائين پهچايان ٿو) هن تي مان اوهان کان ڪنهن به قسم جو ڪو اجر، ڪو بدلو نٿو چاهيان، البت! مان