Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

جيڪي ساداتِ ڪرام آهن، وقت ڪڍي انهن جي زيارت جي لاءِ حاضر به ٿيندا رهون. ذهن ۾ رهي ته انهن جي زيارت جي لاءِ وڃڻو آهي ته انهن کان خدمت نه ڪرائڻي آهي، بلڪه انهن جي خدمت ڪري پنهنجي آخرت سنوارڻي آهي. تنهنڪري انهن جي زيارت جي لاءِ حاضر ٿيون، انهن جي خدمت به ڪريون ۽ ٿي سگهي ته ڪجهه نه ڪجھ مالي نذرانو به پيش ڪري ڇڏيون. ظاهر آهي اسان وٽ جيڪو ڪجھ آهي انهن جي ناني جو ئي ته ڏنل آهي. اسان انهن جي خدمت جو شرف ماڻينداسين، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! انهن جا نانا خوش ٿي اسان جا بگڙيل ڪم سنواري ڇڏيندا.

ساداتِ ڪرام جي خدمت جو اجر

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص  عبد المطلب جي اَوْلاد مان ڪنهن سان نيڪي ڪري ‌فَعَلَيَّ  ‌مُكَافَاتُهُ ‌غَدًا اِذَا ‌لَقِيَنِي پوءِ جڏهن اهو قيامت جي ڏينهن مون سان ملندو، مان ان جو صلو ڏيندس. ([1])

هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 2 ڳالهيون وڏي ڪمال جون ذڪر ڪيون آهن (1): فرمائن ٿا: محبوبِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِذَا لَقِیَنِیْ يعني قيامت جي ڏينهن جڏهن اهو شخص مون سان ملندو. هن مان معلوم ٿيو ته جيڪو ٻانهو ساداتِ ڪرام سان ڀلائي ڪري، جيڪڏهن ايمان سلامت وٺي ويو ته قيامت جي ڏينهن مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ملاقات جو شرف ضرور حاصل ڪندو.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيڏو وڏو شرف آهي. قيامت جو هيبتناڪ ڏينهن، سخت ترين گرمي، تپندڙ زمين، باھ وسائيندڙ سج، گڏوگڏ


 

 



[1]... الصواعق المحرقہ ۔