Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

مون ۾ ڪٿي آهي...؟ ([1])

کیا پیش کروں تم کو کیا چیز ہماری ہے                          یہ دل بھی تمہارا ہے یہ جاں بھی تمہاری ہے

سادات سڳورن جي عزت ۽ فضيلت تي مبارڪ حديثون

 ساداتِ ڪرام جي عزت ۽ فضيلت تي ڪجھ مبارڪ حديثون ٻڌو! (1): پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پنهنجي اَولاد کي 3 ڳالهيون سيکاريو: * پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت * اهلِ بيت جي محبت ۽  قرآن جي تلاوت. ([2])

(2): مسلم شريف جي روايت ۾ آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان اوهان ۾ 2 عظيم  شيون ڇڏي رهيو آهيان * انهن مان پهرين ته اللہ پاڪ جو ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) آهي جنهن ۾ هدايت ۽ نور آهي، اوهان اللہ پاڪ جي ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) تي عمل ڪريو ۽ ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو * ٻيا منهنجا اهلِ بيت آهن، ۽ 3 ڀيرا ارشاد فرمايائون: مان اوهان کي پنهنجي اهلِ بيت جي باري ۾ اللہ پاڪ جي ياد ڏياريان ٿو. ([3])

اِمام شرف الدين طِيّبِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته مان اوهان کي پنهنجي اهلِ بيت جي شان جي حوالي سان اللہ پاڪ کان ڊيڄاريان ٿو ۽ اوهان کي چوان ٿو ته اوهان اللہ پاڪ کان ڊڄو، انهن کي تڪليف نه ڏيو بلڪه انهن جي حفاظت ڪيو. ([4])

حبِّ اہلِ بیت دے، آلِ محمدؔ کے لئے                                     کر شہیدِ عِشق، حمزہؔ پیشوا کے واسطے

 (3): حَسَنَين جي ناني، ٻنھي جهانن جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَایُؤْمِنُ


 

 



[1]...انوارِ قمریہ، صفحہ: 290۔

[2]... الجامع الصغیر ص۲۵ حدیث ۳۱۱۔

[3]... مسلم ص۱۰۰۸ حدیث۶۲۲۵۔

[4]... شرح الطیبی ج۱۱ص۲۹۶تحت الحدیث۶۱۴۰۔