Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

اوهان کي قرابتداريءَ جي محبت جي نصيحت ڪريان ٿو. هن مان معلوم ٿيو؛ پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت، اوهان جي رشتيدارن (Relatives) جي محبت دين جي فرائض مان آهي. ([1])

قلب میں   عشقِ آل رکھا ہے                                                                                                 خوب اِس کو سنبھال رکھا ہے

 جو بھی دیکھے بنے وہ دیوانہ                                                                                                          اُن میں   ایسا جمال رکھا ہے

سيد زادي جي زيارت عبادت آهي

امام حافظ مُحِبُّ الدِّين طَبَرَي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه؛ 7 هين صدي هجري جا بزرگ آهن، تمام علمي شخصيت هئا، علمِ حديث ۾ سندن تمام وڏو مقام آهي. پاڻ هڪ روايت ذڪر ڪئي. لکن ٿا: هڪ ڀيري حضرت امام حَسَن مجتبيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي طبيعت مبارڪ ناساز ٿي وئي (يعني پاڻ بيمار ٿي پيا).

هن سلسلي ۾ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شهزادي حضرت عبد اللہ بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُما حضرت زبير بن عوّام رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي چيو: اچو! امام حسن مجتبيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي عيادت جي لاءِ هلون. حضرت زبير بن عوّام  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به صحابئ رسول آهن ۽ سڀ صحابي ئي اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! نيڪين جا حريص هئا، البته! ان وقت شايد ڪا مصروفيت وغيره هوندي، تنهنڪري حضرت زبير بن عوام رَضِیَ اللهُ عَنْہُ گڏ هلڻ کان انڪار ڪيو. حضرت عبد اللہ بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ انهن کي ترغيب ڏيندي فرمايو: اي زُبَير...!! ڇا اوهان نٿا ڄاڻو ته بنوهاشم جي عيادت جي لاءِ وڃڻ سُنّت ۽ انهن جي زيارت ڪرڻ نفل عبادت آهي. ([2])

کس زباں سے ہو بیان عزوشانِ اہل  بیت            مدح گوئے مصطفی ہے مدح خوانِ اہل  بیت[3]

وضاحت: اسان غلامن  جي وس جي ڳالھ ناهي جو اسان اهل بيت اطهار جا فضائل


 

 



[1]...تفسیرِ بغوی،پارہ:25 ،الشوریٰ ،زیرِ آیت :23 ،جلد:4 ،صفحہ:81 ، ملتقطًا۔

[2]... ذخائر العقبی ۔

[3] ذخائر العقبی ، الباب الثالث فی فضل بنی ہاشم ،ذکر افترض...الخ، صفحہ:43