Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ يا حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سواري تي انهن وٽان لنگهندا هئا ته انهن جي تعظيم جي لاءِ سواري تان لهي ويندا هئا، جڏهن حضرت عبّاس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ لنگهي ويندا هئا ته ٻيهر سوار ٿي ويندا هئا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  اللہ پاڪ اسان کي به سيّدن جو ادب نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

وقت جي خليفي جو محبت ڀريو انداز

حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي تمام وڏا ولئ ڪامل، هن اُمت ۾ پهريان مُجَدِّد ۽ وقت جا خليفا ٿيا آهن، پاڻ اهڙي ڪامل انداز سان خلافت جا فرائض انجام ڏنا جو سندن خلافت کي به خلافتِ راشده ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اهڙا زبردست خليفا هئا. حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مبارڪ عادت هئي ته ساداتِ ڪرام ته ساداتِ ڪرام رهيا، خاندانِ مصطفيٰ سان ڪجهه به نسبت رکڻ وارو ڪو ايندو هو ته ان جي تعظيم ڪندا هئا. صحابئ رسول آهن: حضرت زيد بن حارثه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ. پاڻ  رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اولاد مان نه آهن ، البته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي پنهنجو پٽ بڻايو هو. هڪ ڀيري حضرت زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي خاندان مان ڪو شخص حضرت عمر بن عبد العزيز رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي درٻار ۾ آيو، پاڻ انهن کي ڏسندي ئي بيهي ڪري انهن جو استقبال فرمايو ۽ عزت ڏيندي انهن کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريو. ([2])

سُبْحٰنَ اللہ!  هيءَ نسبتِ رسول جو ادب آهي. اسان کي به گهرجي ته جڏهن به ساداتِ ڪرام کي ايندي ڏسون، رستي ۾، مسجد ۾، ڪنهن محفل وغيره ۾ انهن جي زيارت جو شرف ملي وڃي ته ادب سان، سٺيون سٺيون نيتون ڪري انهن جي زيارت به ڪريون ۽ خوب تعظيم به ڪندا ڪريون. ۽ پنهنجي شهر يا علائقي ۾


 

 



[1]... الاستیعاب ج۲ص۳۶۰۔

[2]... (حضرت عمر بن عبد العزیز کی حکایات)۔