Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
ئي ٻين اسلامي نشانين جو ڪو وجود هجي ها، هي سڀ رونقون اوهان جي ڪري آهن، جيڪڏهن ڪو هي سوچي ٿو ته اللہ پاڪ ان جي واسطي کان بغير ڪجھ عطا فرمائيندو آهي ته اهو غلطي تي آهي، جيڪو به ملي ٿو انهن جي ڪري ئي ملي ٿو.
بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! سيد سڳورا اسان جي سِرَ (مٿي) جا تاج آهن، اسان کي جيڪو مليو انهن جي ناني جو صدقو مليو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته دل کولي انهن جي خدمت ڪندا ڪيون. بلڪه سچي ڳالھ عرض ڪيان؛ سيد زادن جو جيڪو مقام ۽ مرتبو آهي، ان جي مطابق ڏٺو وڃي ته اسان انهن جي خدمت ڪري ئي نٿا سگهون. هي ته بس هڪ معمولي نذرانو آهي جيڪو اسان انهن جي خدمت ۾ پيش ڪري سگهون ٿا.
خواجه غُلام فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪوٽ مٺن شريف وارا، وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، هڪ ڀيري ڪنهن لَنڊن مان هڪ گهڙي آڻي سائين جن کي پيش ڪئي، تمام قيمتي گهڙي هئي، ان تي تمام گهڻا پُرزا به لڳل هئا، موسم بابت معلومات، آنڌيءَ ۽ زلزلي بابت معلومات ۽ قبلي جو رخ وغيره سڀ ڪجھ ان گهڙي مان معلوم ڪري سگهجو پئي، ان وقت جي لحاظ کان تقريباً 25 کان 30 هزار، ان گهڙي جي قيمت هئي.
هڪ ڀيري هڪ سيِّد صاحب فرمايو: هيءَ گهڙي مون کي ڏئي ڇڏيو! خواجه غُلام فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فوراً گهڙي پيش ڪري ڇڏي. ڪنهن مريد عرض ڪيو: حضور! هيءَ تمام قيمتي ۽ ناياب گهڙي هئي، اهڙي گهڙي ٻيهر نه ملي سگهندي. پاڻ سيِّد صاحب کي ڪجھ رقم ڏئي ڇڏيو ها، گهڙي نه ڏيو ها ۽ ٻيو ته اهي واقعي سيِّد هئا؟ خواجه غُلام فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مون سيِّد نالي (يعني لفظِ سيِّد) جو ادب ڪندي نذرانو پيش ڪيو آهي، سيِّد ذات جو نذرانو پيش ڪرڻ جي طاقت