Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
هنن پيڪيجن جو مقصد اسلامي معلومات عام ڪرڻ ۽ محرم الحرام شريف جي عظمت ۽ پيغام کي گهر گهر پهچائڻ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی کَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنتون ۽ آداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن جا وار هجن اهو انهن جو اڪرام ڪري. ([2]) يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو (Comb) ڪري.
پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا زلف مبارڪ ڪڏهن نصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي پاپڙين تائين ۽ * ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي تہ ڪڏهن ڪڏهن ٽيئي سُنتون ادا ڪريون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون * ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سُنّت جي خلاف (Against) آهي * سُنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچ ۾ سينڌ ڪڍجي * مرد کي اختيار آهي ته مٿي جا وار ڪٽائي يا وڏا رکي ۽ سينڌ ڪڍي * حضرت اَنَس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم