Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
جس دِن اچھوں کو ملے جام چھلکتا تیرا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اهلِ بيت سان ڀلائي جو عظيم انعام
روايتن ۾ آهي: حضرت عَلِي بن اِبراهيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نالي اٽي جو مالدار تاجر هو. هڪ ڏينهن انهن کان هڪ سيد صاحب ڪجھ اٽو گهريو. پاڻ واپاري هو ته چيائين: رقم آڻيو! سيد صاحب فرمايو: مون وٽ مال نه آهي. اوهان منهنجو هي قرض منهنجي ناني مُحَمَّد رسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي لکي ڇڏيو. حضرت علي بن اِبراهيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن کي اٽو ڏئي ڇڏيو ۽ هي قرض اللہ پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذمي لکي ڇڏيو. هن معاملي جو علم جڏهن سيد زادن کي ٿيو ته انهن به اٽو ورتو، قرض محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي لکيو ويو. هي سلسلو هلندو رهيو. ايتري تائين جو حضرت علي بن ابراهيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وٽ مال ختم ٿي ويو ۽ اهو غريب ٿي ويو.
پاڻ انهيءَ پريشانيءَ ۾ هئا ته هڪ رات ستا ته قسمت جاڳي پئي، رسولِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: جيڪڏهن تو مون سان معاملو دنيا جي لاءِ ڪيو آهي ته مان توکي ان جو پورو پورو بدلو هينئر ئي ڏئي ڇڏيان ٿو ۽ جيڪڏهن تو مون سان معاملو آخرت جي لاءِ ڪيو آهي ته صبر ڪر! بيشڪ مون وٽ تمام سٺو بدلو آهي. هي ٻڌي حضرت علي بن ابراهيمرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي رقت طاري ٿي وئي ۽ روئيندي روئيندي ننڊ مان بيدار ٿيو. هاڻي انهن جي دل دنيا کان بيزار ٿي چڪي هئي، پوءِ جهنگلن ۽ جبلن ڏانهن نڪري ويو. ڪجھ ڏينهن کانپوءِ هُو هڪ جبل جي غار ۾ فوت ٿيل حالت ۾ مليو. ماڻهن انهن کي کنيو ۽ نمازِ جنازه وغيره کانپوءِ دفن ڪري ڇڏيو. ان رات 7 نيڪ ماڻهن خواب ۾ حضرتِ علي بن ابراهيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي سائي ريشم