Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! * رضاءِ الاهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، خود عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اَهْلِ بيتِ اَطْهار، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن ٻچڙن جو ذڪرِ خير ٻڌنداسين. اچو! حُصُولِ بَرَڪت ۽ هدايت جي لاءِ پهريان 2 قرآني آيتون ۽ انهن جي وضاحت ٻڌون ٿا:
پهرين آيتِ ڪريمه: سيپارو: 22، سُوره اَحْزاب، آيت: 33 ۾ اللہ پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّمَا یُرِیْدُ اللّٰهُ لِیُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ اَهْلَ الْبَیْتِ وَ یُطَهِّرَكُمْ تَطْهِیْرًاۚ(۳۳)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي نبيءَ جا گهروارؤ! [2] الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته توهان کان هر ناپاڪي دور ڪري ۽ توهان کي پاڪ ڪري خوب صاف سٿرو ڪري.
هيءَ وڏي مشهور آيتِ سڳوري آهي، ان کي آيتِ تَطْهِير چوندا آهن يعني اها آيتِ سڳوري جنهن ۾ اَهْلِ بيتِ اَطْهار جي پاڪائيءَ جو بيان ٿيو آهي. اِنهيءَ آيت ڏانهن اشارو ڪندي اعليٰ حضرت جي ڀاءُ مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہما فرمايو آهي: