Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

ايندو، اللہ پاڪ ان کي جنّت ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو.

هي ٻڌي حضرت امير معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پڇيو: اي ابو عبد اللہ (يعني امام حُسَين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ)! آلِ مُحَمَّد جو گروھ ڪير آهي؟ فرمايائون: اهو جيڪو شَيخَين يعني ابو بڪر ۽ عمر کي، عثمانِ غني کي، منهنجي والدِ محترم موليٰ علي کي ۽ اي مُعَاويہ! اوهان کي برو ڀلو نه چوي، اهو آلِ مُحَمَّد جو گروھ آهي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو؛ جيڪو صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان جو به ادب ڪري ٿو، نبيءَ جي 4 يارن جو به ادب ڪري ٿو ۽ خَالُ المؤمنين (يعني سڀني مسلمانن جي مامَي) حضرت امير معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي به برو نٿو چوي، اهو سچو عاشقِ اَهْلِ بيت آهي.

اللہ پاڪ اسان کي صحابه ڪرام ۽ اَهْلِ بيتِ پاڪ  رَضِیَ اللهُ عَنْہُم  جو باادب، سچو عاشق بڻائي ۽ انهن جي دشمني ۽ گستاخي کان هميشه محفوظ فرمائي.

 آمِين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم.

محفوظ سَدا رکھنا شَہَا! بےادبوں سے                                              اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بےادبی ہو([2])

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ جي هن پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ اُمت کي نيڪ نمازي بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي حصو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم فجر جي نماز لاءِ جاڳائڻ به آهي.


 

 



[1]... تاریخ ابن عساکر، رقم:1566، حسین بن علی بن ابی طالب رَضِیَ اللهُ عَنْہُما ، جلد:14، صفحہ:114۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:315۔