Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
جو حُلو (يعني قيمتي سائي پوشاڪ) پاتل ڏٺو ته اهو جنّت جي باغن ۾ گهمي رهيو آهي، انهن پڇيو: اي علي بن ابراهيم! اوهان کي هي انعام ڪيئن حاصل ٿيو؟ فرمايائون: جنهن حضرت مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان معاملو ڪيو ان اهو ماڻي ورتو جيڪو مون ماڻيو، ڄاڻي وٺو! بيشڪ مون پنهنجي صبر جي سبب اللہ پاڪ جي پياري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو ماڻي ورتو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان سيد زادن سان نيڪ سلوڪ ڪندا ڪيون. ان تعلق سان حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو جيڪو انداز آهي، واقعي ڪمال آهي.
هڪ ڀيري حضرت امام حَسَن مجتبيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي گهر تشريف وٺي ويا. جڏهن پهتا ته سامهون منظر ڪجھ ائين هو جو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڪمري جي اندر آهن ۽ ڪا خاص مصروفيت هوندي، جنهن جي ڪري اندر وڃڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه هئي. حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي شهزادي حضرت عبد اللہ بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اندر وڃڻ جي اجازت گهري، انهن کي به روڪيو ويو.
امامِ حسن مجتبيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جڏهن هي ڏٺو ته چپ چاپ ئي واپس تشريف وٺي ويا. حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي جڏهن انهن جي اچڻ جو علم ٿيو ته فوراً گهر تشريف آڻڻ جي دعوت موڪلي. پاڻ تشريف فرما ٿيا. حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پڇيو: شهزاده حضور! واپس ڇو تشريف وٺي ويا؟ فرمايائون: مون سوچيو جڏهن سڳي پٽ کي اندر وڃڻ جي اجازت نه آهي ته مون کي ڇو هوندي؟
هتي حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪو جملو ارشاد فرمايو، واقعي ڪمال