Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

۾ ان جي حفاظت فرمائيندو. ڪيڏي زبردست فضيلت آهي. دنيا ۾ اسان جا ڪم اٽڪي ويندا آهن، مشڪلاتون پيش اينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڊپ ۽ خوف جو ماحول به بڻجي ويندو آهي، پوءِ آخرت بابت غور فرمايو. اللہ! اللہ! آخرت جو ته هر معاملو ئي هيبتناڪ آهي * قبر جي تنگي * اونداهي * اڪيلائي * ڀؤ * قبر جو دٻائڻ * مُنڪر نڪير جو تشريف کڻي اچڻ * قبر جا سوالَ* پوءِ قيامت جي ڏينهن قبر مان اٿڻ * اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضريءَ جو منظر * اعمال ناما ملڻ جو منظر* اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ بيهڻ جو منظر* پُل صراط جون مشڪلاتون، اللہ! اللہ! هڪ کان وڌيڪ هڪ مشڪل آهي، هيبتناڪيون ئي هيبتناڪيون آهن. انهن مشڪلاتن کان اسان ڪيئن بچي سگهنداسين؟ ڪيئن نجات ماڻينداسين؟ منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آسان حل ڏنو، فرمايائون: 3 شين جي عزت ڪريو! اللہ پاڪ خود دنيا ۽ آخرت جي هر معاملي ۾ توهان جي حفاظت فرمائيندو. ڪهڙيون ڪهڙيون شيون آهن؟ فرمايائون: (1): اسلام جي عزت ڪريو! (2): منهنجي (يعني مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي) عزت ڪريو! (3): اَهْلِ بيتِ پاڪ جي عزت ڪيو...!!

اللہ پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. بزرگانِ دين، اللہ پاڪ جا نيڪ ٻانها ساداتِ ڪرام جي ڪيتري عزت ڪندا هئا، انهن جو نرالَي انداز سان ادب ڪندا هئا؟ ٻڌو!

* شيخ ابراهيم رامپوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ سيِّد پُور ڪرنال (هند) ۾ تشريف فرما ٿيا، اُتي ئي رهائش اختيار فرمايائون، هتي اچڻ کانپوءِ پاڻ کٽ تي نه سمهندا هئا، ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: هن علائقي ۾ ڪجھ سيد سڳورا اهڙا به آهن جو انهن کي کٽون ميسر نه آهن، اهي زمين تي سمهندا آهن، جڏهن ته سيد سڳورا (پنهنجن پنهنجن گهرن ۾) زمين تي آرام ڪن ٿا ته مان کٽ تي ڪيئن قدم رکان، هي اَدب جي خلاف آهي.