Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
و برڪات بيان ڪري سگهون، انهن جا فضائل ته انهن جو ربّ ڪريم بيان ڪري رهيو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اَهْلِ بيت پاڪ جو ڪيڏو نرالو شان آهي. انهن جي صرف زيارت ڪرڻ ئي نفل عبادت جي برابر آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اللہ پاڪ اسان کي توفيق بخشي، اللہ پاڪ جي فضل سان ساداتِ ڪرام تقريباً سڄي دنيا ۾ موجود آهن، هي به انهن جو خاص شان آهي. يزيد پليد ساداتِ ڪرام کي دنيا مان مِٽائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي هئي پر هو پاڻ مٽجي ويو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! امام حُسَين جو اَوْلادُ پاڪ اڃا به سڄي دنيا ۾ موجود آهي.
قتلِ حسین اصل میں مرگِ یزید ہے اسلام زندہ ہوتا ہے ہر کربلا کے بعد
خير! ساداتِ ڪرام اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سڄي دنيا ۾ آهن، اسان کي گهرجي ته انهن جي زيارت جو شرف حاصل ڪندا ڪيون. جيڪڏهن سيد صاحب بيمار ٿي وڃن ته انهن جي عيادت جي لاءِ به وڃون ۽ ان کان علاوه به وقت بوقت انهن جي زيارت جي لاءِ حاضر ٿيندا رهون.
صحابه ڪرام ۽ اهل بيتِ پاڪ جو ادب
اللہ پاڪ جي آخري نبي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري چاچي حضرتِ عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ (ڇاڪاڻ ته اهلِ بيت مان هئا ان ڪري اهي) بارگاهِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته مسلمانن جا پهريان خليفا عاشقِ اڪبر حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بطورِ احترام سندن جي لاءِ پنهنجي جاءِ ڇڏي ڪري بيهي رهندا هئا. ([1])
روايتن ۾ آهي: جيڪڏهن ائين ٿي ويندو هو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا پيارا چاچا حضرتِ عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪٿي پيادل وڃي رهيا هوندا هئا ۽ حضرت