Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي؛ *اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فجر جي لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا ([1])* مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو به اهو ئي انداز هو ([2]) ۽ * مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به هن پياري پياري سُنّت تي عمل ڪندا هئا. ([3])
اوهان به هيءَ سُنّت اپنايو! نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم تمام گهڻيون برڪتون ملنديون * ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ کي به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم
اوهان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو * صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت سٺي رهندي * هڪ اهم فائدو هي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، ڪا به مشڪل نه آهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ پهريان اٿي وڃو! نمازِ فجر جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا وڃو! مسجد به پهچي ويندا ۽ اللہ پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندو رهندس. اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو. جيئن ته:
سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگا ه مان سڏ اچي ويو
قصور (پنجاب) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: اَلحَمۡدُلله! مان دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هيس پر ديني ڪمن جي معاملي ۾ سُستي جو شڪار هيس، هڪ ڏينهن هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ بطورِ خاص نمازِ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ