Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

عَبْدٌ حَتّٰی اَکُوْنَ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ نَفْسِہٖ، وَتَکُوْنَ عِتْرَتِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ عِتْرَتِہ. يعني ان وَقت تائين ڪو به ٻانهو (ڪامل) مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين مان ان کي ان جي جان کان وڌيڪ پيارو نه ٿي وڃان ۽ منهنجو اَولاد ان کي پنهنجي اَولاد کان وڌيڪ پيارو نه ٿي وڃي. ([1])

صحابہ کا گدا ہوں اور اہلِ بیت کا خادِم                                            یہ سب ہے آپ ہی کی تو عنایت یا رسولُ اللہ

(4): نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اوهان مان پُل صراط تي سڀ کان وڌيڪ ثابت قدم اهو هوندو جيڪو منهنجي صحابن ۽ اهلِ بيت سان وڌيڪ محبت ڪرڻ وارو هوندو.([2])

آل و اصحاب سے محبَّت ہے اور سب اولیا سے اُلفت ہے

 یہ سب اللہ کی عنایت ہے مل گئی مصطَفٰے کی اُمّت ہے

3 شين جي عزت جو حڪم

رسولِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 3 شيون اهڙيون آهن جنهن انهن جي حفاظت ڪئي، اللہ پاڪ ان جي ان جي دين ۽ دنيا جي معاملي ۾ حفاظت فرمائيندو ۽ جنهن انهن کي ضايع ڪيو اللہ پاڪ ان جي ڪنهن به معاملي ۾ حفاظت نه فرمائيندو (1): اسلام جي عزت ۽ احترام (2): منهنجي عزت ۽ احترام (3): منهنجي رشتي ۽ قرابت دارن جي عزت ۽ احترام. ([3])

اللہُ اڪبر! اي عاشقانِ صحابه و اَهْلِ بيت! هي حديث شريف ته ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! دل ۾ سجائي ڇڏيو! هميشه ان کي پنهنجي سامهون رکو! جيڪو ٻانهو 3 شين جي عزت ڪندو، اللہ پاڪ دنيا جي هر معاملي ۾ ۽ آخرت جي هر معاملي


 

 



[1]... شعب الایمان ج۲ص۱۸۹حدیث۱۵۰۵۔

[2]... جمع الجوامع ج۱ص۸۶ حدیث ۴۵۴۔

[3]... جمع الجوامع ج۱ص۳۸۰حدیث ۲۸۰۹۔