Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

فرمائن ٿا: سيد سڳورن جي حقن مان هي حق به آهي ته اسان انهن تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون ڇاڪاڻ ته اهي حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جگر جا ٽڪرا آهن * سيد سڳورن جي آداب مان آهي ته انهن جي سامهون پاڻ کي ڪجھ نه سمجهون (يعني انهن جي سامهون انتهائي عاجزي سان پيش اچون، پنهنجون ضرورتون انهن تي قربان ڪيون) * پاڻ کي انهن تي ترجيح نه ڏيون * سيِّد صاحب چاهي بي علم به هجي، پوءِ به ان جو ادب بجا آڻيون * حضرت علي خوّاص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: پنهنجين خواهشن تي سيد سڳورن جي رضا کي مقدم رکو ۽ انهن جي پوري تعظيم ڪيو ۽ جڏهن اهي زمين تي ويٺا هجن ته کٽ تي هرگز نه ويهو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  اهي آهن سيد سڳورن جا آداب...!! اللہ پاڪ اسان کي اَهْلِ بيتِ پاڪ سان، آلِ مصطفيٰ سان خوب محبت ڪرڻ، انهن جو ادب ۽ احترام بجا آڻڻ نصيب فرمائي. آمِين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

سچو عاشقِ اَهلِ بيت ڪير...؟

  آخر ۾ هڪ اهم وضاحت ٻڌي وٺو! اسان کي اَهْلِ بيتِ پاڪ سان محبت ڪرڻي آهي پر اَهْلِ بيت جي سچي محبت ڇا کي چوندا آهن؟ اهو به سمجهي وٺو! روايت آهي: هڪ ڏينهن حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ خطبو ڏئي رهيا هئا، ايتري ۾ امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ تشريف کڻي آيا، حضرت امير معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جلدي سان خطبو مڪمل ڪيو ۽ منبر تان هيٺ لهي آيا، هاڻي حضرت امامِ حُسَين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ منبر تي تشريف فرما ٿيا، پاڻ اللہ پاڪ جو حمد ۽ ثناء ڪئي، پوءِ فرمايائون: مون کي منهنجي ناني ٻڌايو ته اللہ پاڪ فرمائي ٿو: عرشِ اعظم جي پائي هيٺان سائي رنگ جي هڪ تختي آهي، ان تي لکيل آهي: اي آلِ مُحَمَّد جا گروھ! اوهان مان جيڪو به قيامت جي ڏينهن لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ جي گواهي ڏيندو


 

 



[1]... تنویر الازہار ترجمہ نور الابصار، جلد:1، صفحہ:363 و364 خلاصۃً۔