Book Name:Qabron Ke Androni Halat
رکيا آهن پر افسوس! اسان کي ان جو فڪر ناهي هوندو. ياد رکو! اسان کي فڪر هجي يا نه هجي، اسان تياري ڪيون يا نه ڪيون، اسان هن دُنيا ۾ اچي وياسين هاڻي اسان کي مرڻو ئي پوندو، قبر ۾ لهڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي پوکيل پوک جو مزو چکڻو ئي پوندو. اسان چاهي لک جتن ڪيون، هزار ڪوششون ڪيون، جيترو مرضي ڀڄون، اسان پنهنجي عملن کان نجات نه ٿا حاصل ڪري سگهون، اسان کي پنهنجي ڪَرڻِي جي نتيجن جو مقابلو ڪرڻو ئي پوندو. اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
کُلُّ نَفۡسٍۭ بِمَا کَسَبَتۡ رَھِیۡنَۃٌ (ۙ۳۸)
(پارو 29، سوره مدثر:38)
ترجموڪنزالعرفان: هر ساهه پنهنجي ڪيل عملن ۾ گِروِي رکيل آهي.
معلوم ٿيو ته هر شخص پنهنجي عملن جي بدلي ۾ گروي آهي، جيڪو به هن دُنيا ۾ پيدا ٿيو آهي ان کي قبر ۾ لهڻو آهي ۽ پنهنجي ڪرڻي جو ميوو کائڻو آهي.
بونے والے جو بوئیں وہ کاٹیں یہ ہوا تو میں مَرْ مِٹا یاربّ!
آہ جو بو چکا ہوں وقت دِرَوْ ہو گا حسرت کا سامنا یاربّ!
مجھے دونوں جہاں کے غم سے بچا شاد رکھ شاد دائما یاربّ! ([1])
منقول آهي: قبر روزانو 7 ڀيرا پڪاريندي آهي ۽ هي اعلان ڪندي آهي: * اي ڪمزور انسان! منهنجي اندر اچڻ کان اڳ هن ئي دُنيا جي زندگي ۾ پاڻ تي رحم ڪري وٺ! بيشڪ جڏهن تون مون وٽ پهچندين ته جيڪڏهن تون پنهنجي رَبّ جو فرمانبردار هوندين ته مان به توتي رحم ڪنديس، تون مون ۾ خوشي ڏسندين ۽ جيڪڏهن تو پاڻ تي رحم نه ڪيو ته مان به توتي رحم نه ڪنديس * (اي ڪمزور انسان) * مان ڪيڙن مڪوڙن جو گھر آهيان ۽ ان سان گڏ ڊگهي عرصي تائين شرمندگي به آهي * مان وحشت ۽ تنهائي جو گھر آهيان ان سان گڏ شِدت ۽ سختي به آهي * مان اُڃَ جو گھر آهيان ان سان گڏ خوفناڪ