Book Name:Qabron Ke Androni Halat
جي کوپڙيءَ تي ڌڪُ هڻي رهيو هو جنهن سان سندس ميڄالو نڪري هڪ پاسي وهي ٿي ويو ۽ پٿر ٻئي پاسي لڙهي ٿي ويو، مون پڇيو: هي ڪير آهي؟ فرشتن چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو! * اڳيان به هڪ فرشتو ڏٺم جيڪو پنهنجي سامهون پيل شخص جي ڪڏهن ساڄي ۽ ڪڏهن کاٻي واڇ کي لوھه جي شِيخَ سان چِيريندو ڪنن تائين آڻي رهيو هو، مون پڇيو: هي ڪير آهي؟ فرشتن وراڻيو: اڳتي تشريف کڻي هلو! * مان اڳتي وڌيس ته رت جي هڪ نهر ڏٺم جيڪا ديڳ وانگر اُٻري رهي هئي ان ۾ بي لباس ماڻهو هئا ۽ نهر جي ڪنارن تي فرشتا پنهنجي هٿن ۾ مٽيءَ جا ڀِتَر کڻي موجود هئا، جيڪو به نهر مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، فرشتا ان کي ان ڀِتَر سان ماري رهيا هئا جنهن سبب هو ٻيهر نهر ۾ ڪري پئي پيو، ايسيتائين جو هو ان جي تري ۾ پهچي پئي ويو، مون پڇيو: هي ڪير آهن؟ فرشتن جواب ڏنو: اڳتي هلو! * مان اڳتي وڌيس ته هڪ گھر ڏٺم جنهن جو هيٺيون حصو مٿين حصي کان وڌيڪ سوڙهو هو، ان ۾ به بي لباس ماڻهو هئا جن جي هيٺان باهه ڀڙڪي رهي هئي ۽ ايتري بدبو اچي رهي هئي جو مون ان کان بچڻ لاءِ پنهنجو نڪ جهلي ورتو ۽ پڇيو: هي ڪير آهن؟ فرشتن چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو! * اڳتي وڌيس ته هڪ ڪاري ٽَڪرِي تي ڪجهه پاڳل ماڻهو ڏٺم ۽ انهن جي پوئين حصي ۾ باهه ڀڙڪائي پئي وئي جيڪا انهن جي وات، ناسن، اکين ۽ ڪنن مان نڪري رهي هئي، مون پڇيو: هي ڪهڙا شخص آهن؟ مون کي چيو ويو: اڳتي هلو! * مان اڳتي وڌيس ته زمين جي اندر باهه سان ڀريل هڪ قيد خانو ڏٺم جنهن تي هڪ فرشتو مقرر هو، ان باهه مان جيڪو به ٻاهر نڪري رهيو هو، فرشتو ان جي پويان هلندو ٿي ويو ايسيتائين جو هو ان کي واپس ان باهه جي اندر اڇلائيندو پئي ويو.
آخر ۾ انهن سڀني هولناڪ منظرن بابت ٻڌايو ويو ته اهو (پهريون) شخص جنهن جو مٿو پٿر سان چِٿيو پئي ويو ته سندس دماغ هڪ پاسي ۽ پٿر ٻئي پاسي ڪري پيو پوي، هي اهو آهي جيڪو عشاء جي نماز نه پڙهندو هو ۽ ٻيون نمازون وقت گُذاري پڙهندو هو، ان کي جهنم ۾ داخل ٿيڻ تائين ايئن ئي ماريو ويندو ۽ اهو (ٻيو شخص) جنهن جون واڇون لوھي شيخن سان چيريون پئي ويون، اهو