Book Name:Qabron Ke Androni Halat
ڪڍي اٿي بيٺو! سندس چوڌاري باهه ڀڙڪي رهي هئي فِرِشتا ان جي ڳچيءَ ۾ زنجيرون ٻڌي بيٺا هئا. ان شخص مون کي ڏسندي ئي پڪاريو: ڀاءُ! مان سخت اڃارو آهيان، مون کي ٿورو پاڻي ته پيار. فرشتن مون کي چيو: خبردار! هن بي نمازي کي پاڻي نه ڏجان پوءِ مون همٿ ڪري ان مُردي کان پڇيو: تون ڪير هئين ۽ تنهنجو جُرم ڪهڙو آهي؟ هن جواب ڏنو: مان مسلمان هئس پر افسوس! مان اللہ پاڪ جون ڪيتريون ئي نافرمانيون ڪيون آهن ۽ مون جهڙا گهڻائي گنهگار عذاب ۾ گرفتار آهن.
(3): قبر ۾ باغ
ڪفن چور وڌيڪ ٻڌايو ته: اهڙي طرح هڪ ڀيرو مون هڪ قبر کوٽي ته قبر کي اندران تمام گهڻو وسيع ڏٺم ۽ ڏٺو ته هڪ نهايت خوبصورت باغ آهي، جنهن ۾ نهرون وهي رهيون آهن ۽ هڪ حسين ۽ جميل نوجوان ان باغ ۾ مزا ماڻي رهيو آهي. مون ان نوجوان کان پڇيو: توکي ڪهڙي عمل جي سبب هي انعام مليو آهي؟ هن وراڻيو: مون هڪ عالِم کان ٻڌو هو ته جيڪو شخص 10 محرم شريف جي ڏينهن 6 رڪعتون نفل پڙهندو، اللہ پاڪ ان جي مغفرت فرمائيندو آهي. تنهنڪري مان هر سال 10 محرم شريف جي ڏينهن 6 رڪعتون نفل پڙهندو هئس. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙو ئي هڪ عبرتناڪ واقعو خليفي عبد الملڪ بن مروان سان به پيش آيو، ٿيو ايئن ته هڪ ڀيرو هڪ شخص خليفي عبد الملڪ بن مروان وٽ آيو، هي به ڪفن چور هو ۽ چاهي پيو ته هاڻي ڪفن چوريءَ کان توبہه ڪري. هن پنهنجين اکين سان ڏٺل قبرن جا عبرتناڪ حالات ٻڌايا، چيائين: اي خليفهءِ وقت ...!! اڄ رات مان 5 قبرن مان عبرت حاصل ڪئي ۽ توبهه لاءِ تيار ٿي ويس:
* پهرين قبر جو حال: ڪفن چورائڻ جي ارادي سان جڏهن مون پهرين قبر کوٽي ته مُردي جو منهن قبلي کان ڦريل هو. مان خوفزده ٿي جيئن ئي موٽيس ته