Book Name:Qabron Ke Androni Halat
اهو الله پاڪ جي قدرت جو نشان آهي، اهو ئي رب قادر ۽ قيوم آهي * هن اسان کي پاڻي جي هڪ قطري مان پيدا ڪيو * صحتمند * تندرست ۽ توانو انسان بڻايو * هاڻي اسان جي ٻانهُن ۾ طاقت به آهي * عقل به آهي * شعور به آهي * عھدا * منصب ۽ لقب به آهن پر عنقريب، جلد تمام جلد حضرت ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندا، روح جسم مان ڪڍيو ويندو ۽ اسان جا چاهڻ وارا اسان کي اونداهي قبر ۾ رکي موٽي ايندا.
دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دنیا چھوڑ جانا ہے
بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے
تِرا نازُک بدن بھائی جو لیٹے سَیج پھولوں پر
یہ ہوگا ایک دن بے جاں اِسے کیڑوں نے کھانا ہے
تُو اپنی موت کو مت بھول کر سامان چلنے کا
زمیں کی خاک پر سونا ہے اِینٹوں کا سِرہانا ہے
نہ بَیلی ہو سکے بھائی نہ بیٹا باپ تے مائی
تُو کیوں پھرتا ہے سَودائی عمل نے کام آنا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مُردي کي 3 ڏينهَن کان پوءِ ڏسو ته ...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي مرڻو ئي مرڻو آهي، قبر ۾ لهڻو ئي لهڻو آهي، پر افسوس ...!! قبر جو معاملو آسان نه آهي. حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ دفعي پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ کي فرمايو: ڀاءُ! موت جي ياد منهنجي ننڊ اڏائي ڇڏي آهي، مان سڄي رات جاڳندو رهيس ۽ قبر واري جي باري ۾ سوچيندو رهيس. اي ڀاءُ! جيڪڏهن تون 3 ڏينهن کان پوءِ مُردي کي ان جي قبر ۾ ڏسين ته دنيا ۾ گهڻي عرصي تائين ان سان گڏ رهڻ جي باوجود توکي ان کان وحشت ٿيڻ لڳندي. جيڪڏهن تون ان جو گهر يعني ان جي قبر جو اندروني حصو ڏسين،