Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

جنهن ۾ ڪِيڙا مڪوڙا گهمي رهيا آهن ۽ سندس بدن کي کائي رهيا آهن، ان جي بدن مان گندُ وهي رهيو آهي، سخت بدبو اچي رهي آهي، ان جو ڪفن پراڻو ٿي چڪو آهي. هاءِ! هاءِ! غور ته ڪر! اهو ئي مُردو جڏهن زندهه هو ته خوبصورت هو، خوشبو به بهترين استعمال ڪندو هو، بهترين لباس پائيندو هو ...!! راوي چوي ٿو: ايترو چوڻ کان پوءِ حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي رقت طاري ٿي وئي، انهن کان دانهن نڪري وئي ۽ هو بيهوش ٿي ويا. ([1])

اندھیری قبر کا دل سے نہیں نکلتا ڈر کروں گا کیا جو تو ناراض ہو گیا یا ربّ

قبرن جون اندروني حالتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هي قبرستان جيڪي ظاهري طور اسان کي خاموش نظر اچي رهيا آهن، ڏينهن رات هتي هڪ خوفناڪ سناٽو ڇانيل رهندو آهي، اهي اندران ائين خاموش نه آهن. انهن قبرن جي اندر پورو جہان آباد آهي. ڪا قبر اندران جنت جو باغ آهي، ڪا جهنم جي کَڏَ آهي. ڪنهن قبر ۾ جنتي گُلَ لهرائي رهيا آهن ته ڪنهن قبر ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي. ڪو خوش نصيب قبر ۾ جنتي پينگهن ۾ لُڏِي رهيو آهي ته ڪو باهه جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. افسوس! هن خاموش شهر جي اندر به هڪ شور برپا آهي، ڪٿي خوشين جو ماحول آهي ته ڪٿي دانهون ڪُوڪُون متل آهن. ها! اسان جي ڪنن جو قصور آهي جو اسان اهو سڀ ڪجهه نه ٿا ٻڌي سگهون. حضرت ابو امامه باهلي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ دفعي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻن قبرن وٽِ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: ڇا هتي فلاڻا فلاڻا دفن آهن؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم عرض ڪيو: جي ها (يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم). فرمايائون: بيشڪ هاڻي فلاڻي کي ويهاريو ويو آهي ۽ کيس ماريو پيو وڃي. ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! بيشڪ ان کي  اهڙي ضرب لڳائي وئي آهي جو سندس هڪ هڪ جوڙ الڳ الڳ ٿي ويو آهي، بيشڪ سندس قبر باهه سان ڀرجي وئي آهي ۽ هن هڪ زوردار رڙ ڪئي آهي، جنهن کي جنن ۽ انسانن کان سواءِ هر مخلوق ٻڌو آهي.([2])


 

 



[1]... احیاء العلوم،کتاب ذکر الموت و ما بعدہ،بیان حال القبر و اقاویلہم عند القبور،جلد:4،صفحہ:588۔

[2]... اہوالُ القبور، الباب السادس، فصل انواع عذاب القبر، صفحہ:94۔