Book Name:Qabron Ke Androni Halat
توهان به هي رسالو خريد ڪريو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سڌرندا * ڪردار سٺو ٿيندو * عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گُنَاهن کان نفرت ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت ملندي * ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندو.
نيو ڪراچيءَ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته اسان جي علائقي جي مسجد جا امام صاحب، جيڪي دعوتِ اسلامي سان وابسته آهن، انهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ پيش ڪيو. اهي گھر کڻي آيا، گھر اچي انهن رسالو پڙهيو ته حيران ٿي ويا ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي! نيڪ اعمال جو رسالو ملڻ جي برڪت سان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! انهن کي نماز پڙهڻ جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿيا ۽ هاڻي پنج وقت جا نمازي ٿي چڪا آهن، ڏاڙهي مبارڪ به سجائي ورتائون ۽ پابنديءَ سان نيڪ اعمال جي رسالي مان جائزو وٺڻ وارا بڻجي ويا آهن.
نیک اعمال کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی یاالہٰی!خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعِدھ (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعِدھ (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان