Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

شُڪر جي عادت اختيار ڪريو ....!!

امام نَسۡفِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: نيڪ مسلمان کي قبر ۾ عذاب نه ٿيندو پر قبر ان کي به دٻائيندي، هو ان جي تڪليف ۽ خوف به محسوس ڪندو. ان جو سبب هي آهي ته هو الله پاڪ جي نعمتن ۾ رهيو، پر انهن جو پوري طرح شڪر ادا نه ڪري سگهيو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته قبر جو دٻائڻ ناشڪري جو نتيجو آهي. اها سچي ڳالهه آهي ته اسان الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جو پوري طرح شڪر ادا نه ٿا ڪري سگهون. تنهن هوندي به اسان کي گهرجي ته اٿندي ويهندي، گهمندي ڦرندي، بس الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندا رهون.

اسان وٽ هڪ عام رواج آهي، ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار گهڻو ٿيندا آهن، شڪر جي طرف گهٽ ايندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان مٿي کان پيرن تائين نعمتن ۾ ٻڏل آهيون * توهان هيئر ٽرانسپلانٽ (Hair transplant) جا اشتهار ته ڏٺا هوندا، ماڻهو مٿي تي وار لڳرائڻ لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪندا آهن. پنهنجي مٿي ڏانهن ڏسو! جيڪڏهن وار آهن  ته هي هزارن جي ملڪيت موجود آهي، ڇا هي شڪر جو مقام نه آهي؟ * ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي پيرن کان معذور آهن، گهمي ڦري ناهن سگهندا، اسان کي پير آهن، ڇا هي شڪر جو مقام نه آهي...؟ ته پوءِ اسان الله پاڪ جو شڪر ڇو نه ٿا ڪريون...؟ ڪرڻ گهرجي، هر وقت شڪر ڪرڻ گهرجي، هڪ هڪ  گهڙي شڪر ڪرڻ گهرجي.

اَفضَل تَرين شُڪر

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للہ  چوڻ الله پاڪ جو شڪر آهي ۽ ان کي سڀني کان افضل شڪر قرار ڏنو ويو آهي. ڪا به چڱائي ملي، ان جي دعا آهي: اَلْحَمْدُ للہ الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم  کي فرمايو: ڍالون (يعني دشمن جي وار کان بچڻ لاءِ استعمال ٿيڻ وارو هٿيار) کڻو!


 

 



[1]...؟؟؟؟۔