Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

هڪ غيبي آواز مون کي ڇِرڪائي ڇڏيو. ڪو چئي رهيو هو: هن مردي کان عذاب جو سبب ته پڇي وٺ. مون گهٻرائي چيو: مون ۾ همت ناهي، توهان ئي ٻڌايو! آواز آيو: هي شخص شرابي ۽  زاني  هو. 

* ٻي قبر جو حال: ڪفن چور وڌيڪ چيو: ٻي قبر کوٽي ته هڪ دل ڏڪائيندڙ منظر منهنجي اکين اڳيان هو. ڇا ٿو ڏسان ته مُردي جو منهن خِنزير جهڙو ٿي چڪو آهي ۽ ڪَڙَن ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. غيب مان آواز آيو: هي ڪوڙا قسم کائيندو هو ۽ حرام روزي ڪمائيندو هو. 

* ٽين قبر جو حال: ٽين قبر کوٽي ته ان ۾ به هڪ خوفناڪ منظر هو. مُردو ڪِياڙيءَ جي طرف کان زبان ڪڍي بيٺو هو ۽ سندس جسم ۾ باهه جون ڪِليون ٺوڪيل هيون. غيبي آواز ٻڌايو:  هي غيبت ڪندو هو، چغليون هڻندو هو ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو. 

* چوٿين قبر جو حال: چوٿين قبر کوٽي ته منهنجي نظرن جي  اڳيان هڪ نهايت ڀوائتو منظر هو! مُردو باهه ۾ هيڏي هوڏي ٿي رهيو هو ۽ ملائڪ ان کي باهه جي هٿوڙن سان ماري رهيا هئا مون تي هڪدم خوف طاري ٿي ويو ۽ مان ڀڄي ويس پر منهنجي ڪنن ۾ هڪ غيبي آواز گونجي رهيو هو ته هي بد نصيب نماز ۽ رمضان شريف جي روزن ۾ سُستي ڪندو هو. 

* پنجين قبر جو حال: پنجين قبر جڏهن کوٽي ته ان جي حالت پهرين چئني قبرن کان بلڪل مختلف هئي. قبر حدِ نگاهه تائين وسيع هئي، اندر هڪ تخت تي هڪ خوبرو نوجوان ويٺو هو. غيبي آواز ٻڌايو: هن جواني ۾ ئي توبهه ڪري ورتي هئي ۽ نماز ۽ روزي جو سخت پابند هو. ([1])  

پنهنجو  پوکيل لڻڻو ئي پوندو

اي عاشقانِ رسول! هي قبرن جون اندروني حالتون آهن، غور ڪريو! هنن خاموش نظر اچڻ وارن مٽيءَ جي ڍيرن، پنهنجي اندر ڪهڙا ڪهڙا راز لڪائي


 

 



[1]... ماخوذ از تذکرۃ الواعظین  ۶۱۲ ۔