Book Name:Qabron Ke Androni Halat
صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! ڇا دشمن حملو ڪري ڏنو آهي؟ فرمايائون: نه (دشمن حملو ناهي ڪيو) پر جهنم جي مقابلي ۾ پنهنجون ڍالون کڻو ۽ سُبْحٰنَ اللہِ وَالْحَمْدُللہِ وَاللہ ُاَکْبَرْ پڙهندا ڪريو، ڇو ته اهي ڪلما قيامت جي ڏينهن اڳيان ۽ پويان توهان جي حفاظت ڪندا. ([1])
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اَلْحَمْدُللہ چوڻ ميزان کي ڀري ڇڏيندو آهي.([2]) يعني اَلْحَمْدُللہ چوڻ سان ايترو ثواب ملندو آهي جو قيامت جي ڏينهن جڏهن اهو ثواب ميزان عمل تي رکيو ويندو ته ميزان ڀرجي ويندو.([3])
الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان شڪر ڪرڻ ۽ اَلْحَمْدُللہ پڙهندي پڙهندي زبان کي ذڪر الٰهي سان تَر رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
ذکرو درود ہرگھڑی وردِ زباں رہے میری فضول گوئی کی عادت نکال دو
پيارا اسلامي ڀائرو! قبر آخرت جي منزلن مان سڀني کان پهرين ۽ سڀني کان ڏکي منزل آهي. قبر جي کَڏَ تمام گهڻي خوفناڪ آهي. خالي قبر کوٽيل هجي، اندر ڪجهه به نه هجي، ان کي ڏسڻ سان به ڊپ لڳندو آهي، خالي قبر جي ڀرسان ڪنهن کي اڪيلو ويهاريو وڃي ته ان جا به پگهر نڪرڻ لڳندا آهن، جڏهن هن خالي کڏي کي ڏسڻ ايترو خوفناڪ آهي ته سوچيو، ان قبر جي اندر لهڻ ڪيترو ڏکيو هوندو، پر افسوس...!! اسان دنيا ۾ اچي وياسين، هاڻي هتان وڃڻو به لازماً پوندو ۽ قبر ۾ به لهڻو ئي پوندو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
ثُمَّ اَمَاتَہٗ فَاَقۡبَرَہٗ (ۙ۲۱)
(پارو: 30، سورة عبس: 21)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان کي موت ڏنو پوءِ ان کي قبر ۾ رکرايو