Book Name:Qabron Ke Androni Halat
فرمائي. ڪاش! پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي عذابِ قبر کان نجات ملي وڃي، ڪاش! شفاعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نصيب ٿي وڃي ۽ بي حساب جنت ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولیٰ مری بخش دے ہرخطا یااِلٰہی!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم : نيڪ اعمال
اي عاشقانِ رسول! بامقصد، سنتن سان ڀرپور ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا ۽ آخرت جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم روزانو نيڪ اعمال جي رسالي مان جائزو وٺڻ به آهي.
* سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو محاسبو ۽ مرڻ کان پوءِ جي لاءِ عمل ڪري.([1]) * پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اسان پنهنجين عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا رهون. اڄوڪي دور ۾ اميرِ اھلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسا لو نيڪ اعما ل * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن * روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن * درست انداز سان اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي * هن جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.